بنگلاديشي ڪپتان قومي ٽيم بدران پئسن کي اهميت ڏيڻ لڳو، اهم دوري کان انڪار ڪري ڇڏيائين

سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ فرنچائز ڪرڪيٽ جتي ڪيئي رانديگرن کي پاڻڀرو ڪيو آهي اتي ان جي اثر ڪيئي ٽيمن جي ڪامبينيشن کي پڻ متاثر ڪيو آهي جنهن جو تازو مثال بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شڪيب الحسن آهي جنهن ڪپتان هئڻ باوجود قومي ٽيم بدران ليگ ڪرڪيٽ کي ترجيح ڏيڻ مناسب سمجهو آهي.

بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ 25 ۽ 27 سپٽمبر تي گڏيل عرب رياستن خلاف ميچون کيڏندي.

ڪپتان شڪيب الحسن ڪيريبئن پريميئر ليگ ۾ مصروف هئڻ سبب ٽيم کي دستياب نه هوندو ۽ سندس غيرموجودگي ۾ نور الحسن ٽيم جي قيادت ڪندو.

يو اي ايِ لاءِ بنگلاديشي ٽيم اڄ رواني ٿيندي جتي ٻن ميچون کيڏڻ بعد ٽيم ڏيهه واپس ورندي ۽ وري نيوزيلينڊ لاءِ رواني ٿيندي.

واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي ميزباني هيٺ نيوزيلينڊ،  بنگلاديش ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز عالمي ڪپ کان اڳ شيڊول آهي.

Read Previous

حديقه ڪياني ٻوڏ متاثرن کي ڀاڪر پائي آٿت ڏيڻ لڳي

Read Next

پاڪستان جو وڏو حصو ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، ان جي مدد ڪئي وڃي: جو بائيڊن

Most Popular