پاڪستان جو وڏو حصو ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، ان جي مدد ڪئي وڃي: جو بائيڊن

U.S. President Joe Biden addresses the 76th Session of the U.N. General Assembly in New York City, U.S., September 21, 2021. REUTERS/Eduardo Munoz/Pool

آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته پاڪستان جو وڏو حصو ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي جنهن لاءِ ان کي مدد جي ضرورت آهي.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ تقرير ڪندي جو بائيڊن چيو ته پاڪستان ٻوڏ سبب ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو وڏو حصو پاڻي هيٺ آهي جنهن لاءِ ان ملڪ کي مدد جي ضرورت آهي.

هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته موحولياتي تبديلي جي قيمت انسانيت کي چڪائڻي پئجي رهي آهي، موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن کان بچاءُ لاءِ سمورن ملڪن کي گڏجي جوڳا ۽ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا.

جو بائيڊن چيو ته آمريڪا يوڪرين ويڙهه جو خاتمو چاهي ٿو، روس جي جارحيت خلاف يوڪرين سان گڏ بيٺا آهيون، ويڙهه هڪ شخص جو فيصلو هو  جنهن ۾ انساني جانين جو زيان ٿيو جڏهن ته وڏي پئماني تي مالي نقصان ٿي رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته معاشي بهتري لاءِ اسان کي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، سائبر سيڪيورٽي اڄ جي دور جو اهم مسئلو آهي، سمورن ملڪن کي ياد رکڻ گهرجي ته ايٽمي ويڙهه کٽي نٿي سگهجي .

Read Previous

بنگلاديشي ڪپتان قومي ٽيم بدران پئسن کي اهميت ڏيڻ لڳو، اهم دوري کان انڪار ڪري ڇڏيائين

Read Next

وڏي عمر جي ماڻهن کي صحت جا مسئلا ۽ حل

Most Popular