وڏي عمر جي ماڻهن کي صحت جا مسئلا ۽ حل

عمر وڌڻ سان گڏوگڏ انسان جون ڪمزوريون وڌنديون وينديون آهن ۽ اهو بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. ننڍپڻ ۽ جواني ۾ جيڪڏهن اهو هر لحاظ کان صحتمند رهيو به هجي تڏهن به هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي جو کيس ڪا نه ڪا بيماري جڪڙي وٺندي آهي. انڪري وڌندڙ عمر سان گڏ توهان کي پنهنجي صحت بابت وڌيڪ محتاط رهڻ گهرجي. اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن کي اپنائي وڏي عمر ۾ به توهان صحتمند گذاري سگهو ٿا.

هاءِ بلڊ پريشر

عمر جي وڌڻ سان گڏ رت واري رڳن جي لچڪ گهٽبي ويندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ رت جو دٻاءُ وڌي ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سٺ سالن جي عمر کانپوءِ هر ٽن مان ٻه ماڻهو هاءِ بلڊ پريشر جا مريض بڻجي ويندا آهن. انکانسواءِ هاءِ بلڊ پريشر جا ٻيا به سبب آهن جن تي ضابطو آڻي توهان پنهنجو بلڊ پريشر نارمل ڪري سگهو ٿا. مثال طور پنهنجي وزن جو خيال رکو، ورزش ڪيو، سگريٽ ڇڪڻ جي عادت کان پاسو ڪيو، ذهني دٻاءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي طريقن کي اپنايو ۽ صحتمند کاڌا ئي استعمال ڪيو.

شگر جو مرض

هونئن ته شگر جو مرض ڪراڙپ توڙي جواني ٻنهي عمرين ۾ عام آهي پر عام طور تي پنجيتاليهه سالن جي عمر کانپوءِ ان جا خطرا وڌي ويندا آهن. شگر جي بيماري سنگين نوعيت جي ٿي سگهي ٿي ڇو ته اها دل جي بيماري، گردن جي بيماري، اکين جي نور کان محروم ڪرڻ سميت صحت جي ٻين مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿي. انڪري پنجيتاليهه سالن جي عمر کانپوءِ پنهنجي بلڊ پريشر ليول ضرور چيڪ ڪندا رهو.

دل جون بيماريون

دل جي بيمارين جو سڀ کان وڏو سبب رت جي رڳن ۾ رڪاوٽون بڻجڻ آهي. رڳن ۾ رڪاوٽون بجڻڻ وارا مادا ننڍپڻ کان ئي شروع ٿي ويندا آهن ۽ وڏي عمر ۾ گهڻي تيزي سان ٿيندا آهن اهو ئي سبب آهي ته چاليهه کان سٺ سال جي ماڻهن ۾ نوجوانن جي ڀيٽ ۾ دل جون بيماريون پنج سيڪڙو وڌيڪ هونديون آهن.

ٿولهه

جيڪڏهن توهان جو وزن توهان جي قد جي لحاظ کان گهڻو آهي ته توهان ٿلها چئبئو. ٿولهه نه رڳو پاڻ هڪ بيماري آهي پر ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين جي جڙ به آهي. ٿولهه دوران دل جي بيمارين، اسٽروڪ، شگر، ڪينسر ۽ جوڙن جون بيماريون شامل آهن جيڪي چاليهه کان اڻونجاهه سالن جي عمر جي ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هونديون آهن ۽ انهن مان ايڪيتاليهه سيڪڙو ماڻهو ٿولهه جو شڪار هوندا آهن.

جوڙن جو سُور

هڪ وقت هو جڏهن ڊاڪٽر ان جو سبب وڏي عمر ٻڌائيندا هئا ڇو ته پنجيتاليهه سالن کان مٿي عمر جي ستٽيهه سيڪڙو ماڻهن ۾ اها بيماري موجود آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن زندگي جي رهڻي ڪهڻي ۽ موروثيت به ان جو سبب بڻبي آهي. جوڙن تي لڳل پراڻا ڌڪ، جسماني ڪم جي گهٽتائي، شگر ۽ ٿولهه به جوڙن جي سور جو سبب بڻبي آهي.

هڏيون ڀرڀريون ٿي وڃڻ

پنجاهه سالن کان مٿي عمر جي پنجاهه سيڪڙو عورتن ۽ پنجويهه سيڪڙو مرد ۾ هڏيون ٽٽڻ جي شڪايت هوندي آهي. ڇو ته انهن جا هڏا ڀرڀرا ۽ ڪمزور ٿي ويندا آهن. پنهنجي هڏن کي طاقتور بڻائڻ جي لاءِ ڪيلشيم ۽ وٽامن سان ڀرپور کاڌا استعمال ڪيا وڃن انکانسواءِ روز ورزش ڪرڻ گهرجي. جهڙوڪ پنڌ گهمڻ، دڙڪي ڀڄڻ ۽ ڏاڪڻيون چڙهڻ وغيره.

Read Previous

پاڪستان جو وڏو حصو ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، ان جي مدد ڪئي وڃي: جو بائيڊن

Read Next

ڪراچي ۾ 13 ورهين جي ڇوڪري ڪيترائي ڀيرا زيادتي کانپوءِ قتل

Most Popular