عالمي برادري فوري طور مدد نه ڪئي ته وڏو سانحو جنم وٺي سگهي ٿو: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دنيا کي ذاتي پسند ناپسند ڇڏي اسان جي مدد ڪرڻي پوندي.

وزيراعظم نيويارڪ ۾ هڪ انٽرويو دوران چيو ته پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو ٻڏل آهي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهاڪارين بابت سڄي دنيا کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، دنيا کي اسان کي رليف ڏيڻو پوندو، اسان کي فسڪل اسپيس ڏيڻو پوندو ته جيئن اسان ڪروڙين بي گهر ماڻهن کي نوان گهر اڏائي ڏئي سگهون.

شهباز شريف چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ايندڙ ٻن مهينن ۾ پاڪستان کي پرڏيهي قرض ادا ڪرڻو آهي، عالمي برادري فوري طور مدد نه ڪئي ته وڏو سانحو  ٿي سگهي ٿو.

وزير اعظم چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ پندرنهن سئو کان مٿي انسان اجل جو شڪار ٿيا، شروعاتي ڪاٿي موجب ملڪي معيشت کي 30 ارب ڊالرز جو نقصان پهتو آهي، دنيا کي ذاتي پسند ۽ ناپسند ڇڏي اسان جي مدد ڪرڻي پوندي.

واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو، پنهنجي خطاب دوران وزيراعظم موسمياتي تبديلين سبب آيل ٻوڏ جي تباهي جو ذڪر ڪندو ۽ ڪشمير مسئلي تي پڻ زور ڏيندو.

Read Previous

سنڌ ۾ بدترين غلامي آهي، حقيقي آزاديءَ لاءِ جهاد ڪرڻو پوندو : عمران خان

Read Next

سياحت جي شوقينن لاءِ سٺي خبر، تائيوان ويزا فري انٽري جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular