سياحت جي شوقينن لاءِ سٺي خبر، تائيوان ويزا فري انٽري جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪورونا جي وبا کانپوءِ معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ تائيوان سمورن ملڪن لاءِ ويزا فري داخلا ۽ پرڏيهي سياحن لاءِ قرنطينا جي پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

تائيوان جي ڪابينا خميس تي پرڏيهي سياحن جي آمد تي قرنطينا پابنديون هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪا 13 آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندي.

ان کان اڳ تائيوان ۾ ايندڙ سياحن کي هوٽلن ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جڏهن ته ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن لاءِ اڪيلائي رهڻو پوندو هو.

تائيوان جي اختيارين موجب ڪورونا سبب معيشت کي سخت نقصان پهتو، جنهن جي ازالي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي، جنهن تحت قرنطينا واري پابندي به ختم ڪئي وئي، ان سان آمدني ٿيندي.

هن چيو ته قرنطينه جي ڪري سياح تائيوان اچڻ کان لنوائي رهيا هئا ڇاڪاڻ ته هوٽل ۾ آئيسوليشن جا خرچ وڏا هئا

لوو پنگ چينگ چيو ته ايندڙ اڱاري کان سمورن ملڪن جي سياحن جي ويزا فري داخلا هوندي، اسان کي اميد آهي ته ان سان هر هفتي 60 هزار سياح ايندا.

Read Previous

عالمي برادري فوري طور مدد نه ڪئي ته وڏو سانحو جنم وٺي سگهي ٿو: وزيراعظم

Read Next

عفت عمر ٽرانسجينڊر بِل جي ڀرپور حمايت ڪري ڇڏي

Most Popular