سنڌ ۾ بدترين غلامي آهي، حقيقي آزاديءَ لاءِ جهاد ڪرڻو پوندو : عمران خان

عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حقيقي آزادي ۽ پنهنجي نسلن لاءِ جهادڪرڻو پوندو.

اسلام آباد ۾ اسٽوڊنٽس ڪنونشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اڄ اسي سيڪڙو عورتن سندن بنيادي حق ناهن ملي رهيا، سنڌ ۾ بدترين غلامي آهي، حقيقي آزادي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ جهاد ڪرڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته رياست مدينا ۾ خليفه به عدالت م پيش ٿيندا هئا، سمورن غريب ملڪن ۾ زرداري ۽ نواز شريف جهڙا ماڻهو پئسو ٻاهر کڻي ويندا آهن، جڏهن ملڪ تي چور حڪمراني ڪندا ته ترقي ڪيئن ٿيندي.

عمران خان چيو ته اڄ چورن اسان جي ملڪ جي قبضو ڪري ورتو آهي، هر روز واري واري سان سندن ڏوهه معاف ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ باقي بچيل ماڻهن کي به جيلن مان آزاد ڪري ڇڏيو.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ فيصلائتو وقت آهي، شهباز هر هنڌ وڃي چوي ٿو ته گهرڻ ناهيان آيو پر مجبور آهيان، شهباز شريف هر جڳهه تي پاڪستان کي ذليل ڪرائيندو آهي.

Read Previous

اسحاق ڊار گرفتاري مامرو، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

Read Next

عالمي برادري فوري طور مدد نه ڪئي ته وڏو سانحو جنم وٺي سگهي ٿو: وزيراعظم

Most Popular