عفت عمر ٽرانسجينڊر بِل جي ڀرپور حمايت ڪري ڇڏي

پاڪستاني ناليواري اداڪارا ۽ ميزبان عفت عمر پاران ٽرانسجيندڙ بل جي حمايت سامهون آئي آهي.

اداڪارا عفت عمر پنهنجي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر جي اڪائونٽ تي ٽرانس جينڊر بِل بابت هڪ ٽوئيٽ ڪيو آهي.

عفت عمر چيو ته مان مڪمل طور تي ٽرانس جينڊر قانون جي حمايت ڪيان ٿي ۽ ان خلاف اهڙي سڀني پارٽين ۽ ذهنيت کان نفرت ۽ مذمت ڪيا ٿي جيڪي ان بِل خلاف پروپيگنڊا ۾ شامل آهن.

واضح رهي ته قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ جو ان بِل جي حوالي سان چوڻ آهي ته ٽرانس جينڊر بِل ۾ جنسي حراساني کي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، غلط ڄاڻ ائين ڦهلائي وئي آهي ڄڻ ته هي سڄو بِل ئي غلط آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قانوني واري وزير چيو ته ٽرانس جينڊر بِل ۾ کدڙي فقيرن جي ملازمت جي حق کي محفوظ ۽ علاج وغيره جي معاملن جي حفاظت ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته ان بِل ۾ کدڙي فقيرن کي پنرائڻ واري عمل کي به ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.

Read Previous

سياحت جي شوقينن لاءِ سٺي خبر، تائيوان ويزا فري انٽري جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

طاقتور ڳاڙهو لوڻ، ڪهڙا ڪهڙا طبي مسئلا حل ڪري ٿو؟

Most Popular