ٽئين ٽي ٽوئنٽي: پاڪستان جو انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو

ستن ميچز جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽين ميچ ۾ پاڪستان انگلينڊ جي خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابراعظم ٽاس کٽي انگلينڊ کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني آهي.

پاڪستاني ٽيم ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي جڏهن ته انگلش ٽيم ٽي تبديليون ڪيون آهن.

واضح رهي ته سيريز هڪ،هڪ جي برابر آهي، ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي ڇهن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو جڏهن ته گذريل ڏينهن واري ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ گرين شرٽس انگلش ٽيم جي خلاف ڏهه وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

ست ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز جون چار ميچز ڪراچي ۽ ٽي لاهور ۾ ٿينديون.

انگلينڊ ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر انجري سبب ڪراچي ۾ ٿيندڙ ميچز ۾ شريڪ نه ٿي سگهندو، ان دوران ڪپتاني جا ذميواريون معين علي ادا ڪندو.

Read Previous

طاقتور ڳاڙهو لوڻ، ڪهڙا ڪهڙا طبي مسئلا حل ڪري ٿو؟

Read Next

ٿاڻوبولاخان ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل ٻارڙي جا وارث احتجاج ڪندي

Most Popular