ٿاڻوبولاخان ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل ٻارڙي جا وارث احتجاج ڪندي

ٿاڻوبولاخان رپورٽ : راشد نواز منڱڻھار ٿاڻوبولاخان تعلقه اسپتال ۾ انتظاميه جي مبينا غفلت سبب ويم دوران عورت جو تازو ڄاول ٻارڙو فوت وارثن جو تعلقه اسپتال اڳيان احتجاج خبر موجب ٿاڻي بولاخان جي ڏورانھين علائقي ڪرچات جي ڳوٺ لال بخش ڪانڙو جي رھواسڻ صفيحا زال مجيد ڪانڙو کي ويم جي تڪليف ٿيڻ سبب وارثن ايمرجنسي ۾ تعلقه اسپتال ٿاڻو بولاخان آندو جتي موجود اسپتال جي عملي عورت کي اھو چئي موٽائي ڇڏيو ته ويم ۾ 6 ڪلاڪ دير آھي وارثن طرفان عورت کي پي پي ايڇ آء اسپتال ٿاڻو احمد خان نيو پيو ويو ته عورت رستي ۾ ٻار کي جنم ڏيئي ڇڏيو جتي بارڙو فوت ٿي ويو جڏھن عورت کي وارثن طرفان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو ان ڏس عورت جي مڙس عبدالمجيد ڪانڙو ويجھي عزيز عبدالقدير ڪانڙو صحافين کي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان عورت کي تعلقه اسپتال ٿاڻوبولاخان آندو جتي ڊاڪٽرياڻي نه ھئي اسان عملي کي چيو ته ايمرجنسي ڪيس آھي ڊاڪٽرياڻي کي ٻڌايو پر عملي جي ھڪ نرس آئي جنھن عورت کي چيڪ ڪندي چيو ته ڊليوري ۾ 6 ڪلاڪ دير آھي اسان واپس عورت کي ٿاڻو احمد خان اسپتال کڻائي پئي وياسين ته عورت رستي ۾ ٻار کي جنم ڏنو ۽ ٻارڙو فوت ٿي ويو اتي جي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي ٻڌايو ته ڊليوري 6 ڪلاڪ ليٽ ٿيڻ سبب ٻارڙو عورت جي پيٽ ۾ ٻوساٽجي فوت ٿي ويو آھي ھنن گھر ڪئي آھي تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ انتظاميه خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي تعلقه اسپتال ٿاڻوبولاخان جي ايم ايس ٻڌايو ته معاملي جي مڪمل جانچ ڪري غفلت جنھن جي به ھوندي ان خلاف سخت ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي

Read Previous

ٽئين ٽي ٽوئنٽي: پاڪستان جو انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو

Read Next

مبينا آڊيو ٽيپ سان ثابت ٿي ويو ته مريم نواز جي ناٺي به پئسو ٺاهيو آهي: عمران خان

Most Popular