مبينا آڊيو ٽيپ سان ثابت ٿي ويو ته مريم نواز جي ناٺي به پئسو ٺاهيو آهي: عمران خان

imran khan

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مبينا آڊيو ٽيپ سان ثابت ٿي ويو ته مريم نواز جي ناٺي به پئسو ٺاهيو آهي.

ڪرڪ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ٽيپ ۾ ڪجهه شيون خاص طور تي سامهون آيون، مريم نواز پنهنجي ناٺي لاءِ ڀارت مان پاور پلانٽ جي مشينري درآمد ڪرائي رهي آهي، اڌ مشينري اچي چڪي آهي، سفارش ڪري رهي آهي ته وڌيڪ مشينري به منهنجي ناٺي کي ڏياريو، هوءَ ناجائز ڪم ڪرائي رهي آهي.

هن چيو ته اهي سڀ پئسو ٺاهڻ ۾ لڳل آهن ۽ ٽيپ سان ثابت ٿي ويو ته ناٺي صاحب به پئسو ٺاهيو آهي،  اسان سڀني تي فرض آهي ته حقيقي آزادي لاءِ جهاد ڪيون، غلامي ڪرڻ کان مري وڃڻ بهتر آهي، تنهن ڪري مان وڙهندس.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف جا پٽ اربين رپين جي گهرن ۾ رهن ٿا، انهن مهانگن علائقن ۾ رهن ٿا، جتي برطانيا جو وزيراعظم به نٿو رهي سگهي، اسحاق ڊار جا پٽ به ٻاهر ٿا رهن، اهي پئسو ٺاهڻ لاءِ اقتدار ۾ ايندا آهن.

اڳوڻي وزيراعظم موجب بلاول چئي ٿو ته عمران خان پنهنجو آرمي چيف آڻڻ چاهي ٿو، عمران خان کي آرمي چيف نه گهرجي پر عمران خان کي ميرٽ گهرجي.

Read Previous

ٿاڻوبولاخان ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل ٻارڙي جا وارث احتجاج ڪندي

Read Next

وزيراعظم هائوس جي اجلاس جي آڊيو ليڪ، سيڪيورٽي تي سوال اٿي ويا

Most Popular