ڪينيڊا ۾ انڌاري ۽ طوفان سان مينهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو

ڪينيڊا جي اڀرندي علائقي ۾ انڌاري ۽ طوفان سان گڏ مينهن جي ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته لکين گهر بجلي کان محروم ٿي ويا آهن.

طوفان في اونا کان نووا اسڪاٽيا، پرنس ايڊورڊ آئي لينڊ، نيوبرسوِڪ، نيوفائونڊ لينڊ ۽ ڪيوبيڪ جا ميگ ڊالين آئي لنڊز متاثر ٿيا آهن.

ڪجهه علائقن ۾ انڌاري جي رفتار سئو ڪلوميٽر في ڪلاڪ هئي جنهن جي ڪري ڪيترائي وڻ پاڙئون پٽجي ويا ۽ گهرن جي ڇتن توڙي ڪاروباري علائقن ۾ دڪانن کي نقصان پهتو.

ڪيترن ئي جاين تي ماڻهن کي گهر خالي ڪرڻ جون به هدايتون ڏنيون ويون. ساحلي علائقي ۾ هڪ عورت جي گم ٿيڻ جي به تصديق ڪئي وئي آهي.

Read Previous

نائيجيريا ۾ ڌاڙيلن جو مسجد تي حملو، پندرهن ماڻهو مارجي ويا

Read Next

صالح پٽ جي محلا عاشق حسين شاه جي رهواسين حاجي شير محمد مهر ۔ عبدالغني ڪانڌڙو ۔ بچل مهر۽ ٻين احتجاج

Most Popular