حديقا ڪياني رڪشا ڊرائيور جي جيءُ جهوريندڙ ڇڏي

حديقا ڪياني رڪشا ڊرائيور جي جيءُ جهوريندڙ وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

مشهور ڳائڻي ۽ اداڪارا حديقا ڪيانيءَ هڪ رڪشا ڊرائيور جي گهر جي جيءُ جهوريندڙ وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي.

حديقا ڪياني فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻوڏ سان تباهه ٿيل هڪ گهر ڏسي سگهجي ٿو

وڊيو جي ڪيپشن ۾ پڙهي سگهجي ٿو ته هڪ رڪشا ڊرائيور پيسا گڏ ڪري پنهنجي خوابن جو گهر ٺاهيو هيو جيڪو ٻوڏ اچڻ سان تباهه ٿي ويو ۽ ايئن اسان مان ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو.

هن لکيو ته ٻوڏ جا اثر ۽ تباهي اڃا باقي آهي پر ايئن لڳي ٿو ته دنيا وساري رهي آهي ته ڪا ٻوڏ به آئي آهي، اهو حال اسان جي گهرن مان ڪنهن جي گهر جو به ٿي سگهي ٿو.

.

Read Previous

18 سالن کانپوءِ به اڄ تائين پيءُ اڻلڀ آهي

Read Next

بابر ۽ رضوان جي جوڙي هڪ ٻيو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو

Most Popular