منهنجي موٽڻ سان ئي ملڪ جو قرض 1350 ارب رپيا گهٽجي ويو: اسحاق ڊار

سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته گذريل رات ڏيهه پهتس ۽ ڊالر تقريبن 10 رپيا گهٽجي ويو آهي.

اسحاق ڊار سينيٽ جي رڪنيت جو حلف کڻي ورتو آهي، کانئس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي حلف ورتو.

پوءِ پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته رپئي جو قدر هٿرادو طور ڪِرڻ اسان جي مسئلن ۾ شامل آهي، مهانگائي تمام گهڻي وڌي وئي آهي ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي وڌندڙ اگهه به مسئلن ۾ شامل آهن.

هن چيو ته مان گذريل رات پاڪستان پهتس، ڊالر ۾ 10 رپين جو فرق پئجي ويو آهي، 24 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ پاڪستان جو قرض 1350 ارب رپيا گهٽجي ويو.

سندس چوڻ هو ته 1999 ۾ ڊالر جي فڪس ريٽ کي مارڪيٽ بيس ڪيو هو، هنڊي وارا پاڪستاني رپئي کي يرغمال نٿا بڻائي سگهن، نه ماضي ۾ پاڪستاني رپئي کي يرغمال بڻجڻ ڏنو نه اڳتي بڻجڻ ڏينداسين.

اسحاق ڊار چيو ته گذريل بل ۾ وڌيڪ تبديلي ٿيڻ گهرجي.

Read Previous

وزيراعظم هائوس جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي معاملي تي جي آءِ ٽي قائم، اعليٰ سطحي جاچ ٿيندي

Read Next

اسحاق ڊار سينيٽ رڪنيت جو حلف کڻي ورتو، مخالف ڌر جو گوڙ، نعريبازي

Most Popular