اسحاق ڊار سينيٽ رڪنيت جو حلف کڻي ورتو، مخالف ڌر جو گوڙ، نعريبازي

اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سينيٽ جي رڪنيت جو حلف کڻي ورتو.

اسحاق ڊار گذريل ڏينهن پنج ورهين جي جلاوطني ختم ڪري وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ لنڊن کان اسلام آباد پهتو هو، اسحاق ڊار اڄ سينيٽ جي رڪنيت جو حلف کڻي ورتو ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کائنس حلف ورتو.

ان دوران مخالف ڌر طرفان گوڙ ۽ هنگامو ڪيو ويو .

پي ٽي آءِ ميمبرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائس جو گهيراءُ ڪيو ۽ اجلاس جي ايجنڊا جو ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.

ٻئي پاسي حلف کڻڻ کانپوءِ حڪومتي اتحاد جي ميمبرن اسحاق ڊار جي سيٽ تي وڃي کيس مبارڪون ڏنيون.

واضح رهي ته ن ليگ اسحاق ڊار کي مفتاح اسماعيل جي جڳهه تي  ناڻي وارو وزير نامزد ڪيو آهي ۽ هو سڀاڻي پنهنجي عهدو جو حلف کڻندو.

Read Previous

منهنجي موٽڻ سان ئي ملڪ جو قرض 1350 ارب رپيا گهٽجي ويو: اسحاق ڊار

Read Next

سويڊن کان پوءِ اٽليءَ ۾ به ساڄي ڌر جي حڪومت

Most Popular