فٽبال ميچ دوران ڇڪتاڻ، 125 ڄڻا فوت ٿي ويا

انڊونيشيا ۾ فٽبال ميچ دوران ڇڪتاڻ ۽ ڀاڄ جي نتيجي ۾ 125 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته سوين زخمي ٿي پيا آهن.

انڊونيشيائي اختيارين موجب جاوا صوبي ۾ اسٽيڊيم ۾ ڀاڄ جي واقعي ۾ 125 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته اسپتالن جي ڊيٽا چيڪ ڪرڻ کانپوءِ فوت ٿيندڙن جي درست انگ بابت خبر پوندي.

واضح رهي ته ڇنڇر جي شام انڊونيشيا ۾ فٽبال ميچ جاري هئي، ميچ مقامي ٽيمن اريما ايف سي ۽ پرسي بايا سرابيا وچ ۾ کيڏي وئي ته پرسي بايا جي فتح تي حامين ۽ مخالفن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي.

هوم گرائونڊ تي ميچ هارائڻ تي اريما ايف سي جا سوين مداح ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ گرائونڊ ۾ داخل ٿي ويا، مڇريل ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ۽ لٺبازي به ڪئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب اسٽيڊيم ۾ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ 174 ڄڻا فوت ٿيا پر اختيارين 125 جي تصديق ڪئي آهي.

Read Previous

عورت جج کي ڌمڪيءَ جو ڪيس: عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور

Read Next

شيخ رشيد سپريم ڪورٽ کان سائفر جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular