لانگ مارچ جو سڏ اچڻ وارو آهي: عمران خان

imran khan

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته لانگ مارچ جو سڏ اچڻ وارو آهي.

اسلام آباد ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين جي سوال تي پنهنجي مختصر جواب ۾ عمران خان چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڏا زبردست فيصلا ڪيا آهن، اسان قانون جي بالادستي تي يقين رکون ٿا، جڏهن ته عدالت طلب ڪيو پيش ٿيس.

هن چيو ته ٽيلي ٿون ۾ جيڪو پئسو گڏ ٿيو آهي، اهو ٻوڏ متاثرن ۾ ورهائينداسين، اسان سياسي ماڻهو آهيون، ڳالهين جا دَر سدائين کليل آهن، سياسي جماعتن ۽ سياسي ماڻهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان پر ڏوهارين سان ڳالهيون نه ٿينديون.

سندس چوڻ هو ته هاڻ اسيمبلي ۾ نه وينداسين، لانگ مارچ جو سڏ اچڻ وارو آهي.

Read Previous

قومي مفادن سان کيڏندڙ عمران خان قانون کي منهن ڏيندو: وزيراعظم

Read Next

”قاتل حسينائون ڪي نام“ ايشيا ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

Most Popular