”قاتل حسينائون ڪي نام“ ايشيا ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

گذريل سال ريليز ٿيڻ واري ٿرلر ”فيمنسٽ“ ويب سيريز ”قاتل حسينائون ڪي نام“ ايشيائي سطح تي معتبر ايوارڊ ”ايشين اڪيڊمي ڪريٽو ايوارڊز“پنهنجي نالي ڪري ورتو.

قاتل حسينائون ڪي نام کي ڀارتي اسٽريمنگ ويب سائيٽ ”زي فائيو“ تي ڏهه ڊسمبر ٻه هزار ايڪويهه تي ريليز ڪئي وئي هئي، ان سيريز ۾ ثروت گيلاني، مهربانو، صنم سعيد، ايمان سليمان، فائزه گيلاني، بيو رانا ظفر، سامعه ممتاز ۽ سامعيه عارف سميت ٻيا اداڪار شامل آهن.

ويب سيريز ۾ شهريار منور ۽ احسن خان سميت ٻيا اداڪار به شامل آهن.

ان جي پروڊڪشن برطانيا ڄائي ڀارتي فلم ساز مينا گور ڪئي آهي جيڪا ان جي ساٿي ليکڪ به آهي، ويب سيريز جو ٻيو ليکڪ پاڪستاني فلمون ٺاهيندڙ فرجاز نبي آهي.

ويب سيريز جي ڪهاڻي عورتن ويجهو گهمندي آهي ۽ تماشائين کي ان ۾ محبت، انتقام، انقلاب ۽ ٻين جي خدمت ڪرڻ جون مختلف ڪهاڻيون ملنديون آهن.

ويب سيريز جي مرڪزي ڪهاڻي ڇهن عورتن تي ٻڌل هوندي آهي ۽ ان ۾ مختلف بولڊ ۽ خوفناڪ منظر به شامل آهن.

ويب سيريز کي ڪهاڻي ۽ ڪردارن سبب نه رڳو پاڪستان پر ڀارت سميت ٻين ملڪن ۾ به ساراهيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ انهن ڪردارن کي بولڊ ڏيکارڻ تي ڪجهه ماڻهو ناراض به آهن.

ويب سيريز ريليز ٿيڻ جي هڪ سال کانپوءِ سنگاپور ۾ ٿيڻ واري ايشيائي سطح جي فلمي ميلي ۾ بهترين سنگل ٽي وي ڊراما يا ٽيلي فلم جي ڪيٽيگري جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو.

ويب سيريز کي ”ايشين اڪيڊمي ڪريٽيو ايوارڊز، طرفان ايوارڊ ملڻ جي خبر کي اداڪارا ثروت گيلاني ۽ صنم سعيد به شيئر ڪيو جڏهن ته ٻين اداڪارن به فلم ڊائريڪٽر جي انسٽاگرام پوسٽ جو اسڪرين شوٽ شيئر ڪندي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.

”قاتل حسينائون ڪي نام“ جي سڄي ڪاسٽ پاڪستاني هئي، جڏهن ته ان جون هدايتون ڀارتي ڄائي ڊائريڪٽر ڪيون ۽ ان کي پروڊيوس به ڀارتي ڄائي ڪيو ۽ ان کي ريليز به اتي ئي ڪيو ويو، ان لاءِ ان کي ڀارت پاران چونڊي ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

ان فلم ايوارڊ ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش سميت مختلف ايشيائي ملڪن حصو ورتو جڏهن ته پاڪستان انهن ايوارڊز ۾ حصو ناهي وٺندو.

Read Previous

لانگ مارچ جو سڏ اچڻ وارو آهي: عمران خان

Read Next

شادي کان اڳ آپگهات ڪندڙ عورت اينڪر جو مڱيندي لاءِ پيغام

Most Popular