اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن موجب چونڊن دوران امن امان برقرار رکڻ صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي.

اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت ڪراچي ۾ چونڊن دوران پوليس جي مقرري يقيني بڻائي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي خط لکي مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪئي هئي.

سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ته صوبي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي، سنڌ حڪومت جي خط ۾ سنڌ پوليس طرفان گهرو کاتي کي لکيل خط کي بنياد بڻايو ويو هو.

واضح رهي ته سنڌ پوليس به ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ سيڪيورٽي ڏيڻ کان معذرت ڪئي هئي.

اي آءِ جي آپريشنز حيدر رضا طرفان گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ اپيل ڪئي وئي ته 23 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جو ٽيون مرحلو ٿيڻو آهي پر ان لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ممڪن ناهن، ڪراچي پوليس جي پنهنجي نفري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻين ضلعن مان جيڪا نفري ملڻي هئي، نجي سيڪيورٽي گارڊ ممڪن ناهي ته ڪراچي پوليس کي ملي سگهن.

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

Read Previous

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون علي ذوالفقار ميمڻ جي صدارت ھيٺ درٻار ھال ڄامشورو ۾ پوليو مھم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاء لاڳاپيل آفيسرن سان اجلاس منعقد ٿي گزريو

Read Next

پي ٽي آءِ جو امڪاني لانگ مارچ، حڪومت اهم فيصلا ڪري ورتا

Most Popular