ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون علي ذوالفقار ميمڻ جي صدارت ھيٺ درٻار ھال ڄامشورو ۾ پوليو مھم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاء لاڳاپيل آفيسرن سان اجلاس منعقد ٿي گزريو

ڄامشورو(رپورٽر مظھر علي جمالي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون علي ذوالفقار ميمڻ جي صدارت ھيٺ درٻار ھال ڄامشورو ۾ پوليو مھم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاء لاڳاپيل آفيسرن سان اجلاس منعقد ٿي گزريو، اھا پوليو مھم تعلقه ڪوٽڙي جي چار يوسين ۽ ھڪ تعلقه مانجھند جي يوسي منظورآباد ۾ 24 کان 28 آڪٽوبر 2022 تي شروع ٿيندي ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون علي ذوالفقار ميمڻ صحت کاتي جي آفيسرن تي زور ڀريو ته پوليو مھم دوران مقرر ٽارگيٽ کي وقت تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائين ۽ ان ڳالھ جو گھڻو خيال رکيو وڃي ته ھن پوليو مھم دوران ڪوبه ٻار پوليو کان بچاء واري ڦڙن پيارڻ کان رھجي نه وڃي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون چيو ته پوليو مھم دوران ڪنھن به قسم جي غفلت کي ھرگز برداش نه ڪيو ويندي، ڇو جو پوليو ھڪ موضي مرض آھي، ان موقعي تي اين اسٽاف آفيسر ڊاڪٽر صنم ٻڌايو ته 24 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ پنجن ڏينھن واري پوليو مھم دوران تعلقه ڪوٽڙي جي چئن يوسين جنھن ۾ يوسي الله بچايو شورو، يوسي سونولھار ھڪ يوسي سونولھار ٻه ۽ يوسي حاجي مانجھو شورو، ۽ ھڪ تعلقه مانجھند جي يوسي منظورآباد ۾ پنجن سالن کان گھٽ عمر جي سڀني ٻارڙن کي ڦڙا پيارا ويندا اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڄامشورو ڊاڪٽر ونود ڪمار، ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايچ آئي شفيق رحمان آگرو، تعلقه فوڪل پرسن ڊاڪٽر اسلم ناريجو، ڊاڪٽر ارم شيخ پيراميڊيڪل اسٽاف يوسي ايم او سوڌو لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي

Read Previous

شادي کان اڳ آپگهات ڪندڙ عورت اينڪر جو مڱيندي لاءِ پيغام

Read Next

اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

Most Popular