پي ٽي آءِ جو امڪاني لانگ مارچ، حڪومت اهم فيصلا ڪري ورتا

حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي ڪنهن به صورت ۾ اسلام آباد داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

پي ٽي آءِ جي امڪاني لانگ مارچ کي روڪڻ بابت حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، ڪمانڊنٽ ايف سي، آءِ جي اسلام آباد، ڪمانڊر رينجرز اسلام آباد شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڊي آءِ جي آپريشنز، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد، سيڪيورٽي ايجنسيون ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نمائندا به شريڪ ٿيا.

ذريعن موجب گهرو وزير جي هدايت تي اجلاس جي ڪارروائي کي ان ڪئميرا رکيو ويو، سيڪيورٽي ايجنسين گهرو وزير کي پي ٽي آءِ جي امڪاني لانگ مارچ بابت بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جو امڪاني لانگ مارچ ۽ ڌرڻو روڪڻ جي حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن جو انگ 15 کان 20 هزار تائين هجڻ جو امڪان آهي، امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ اسلام آباد پوليس، سنڌ پوليس، رينجرز ۽ ايف سي جون خدمتون وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ريڊ زون ۾ سرڪاري عمارتن ۽ ڊپلوميٽڪ انڪليو جي سيڪيورٽي پاڪ فوج کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پاڪ فوج اسلام آباد ۾ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 245 تحت مقرر هوندي.

اجلاس ۾ لانگ مارچ کي لاجسٽڪ ۽ مالي مدد ڏيندڙن خلاف ايڪشن جي منظوري به ڏني وئي، اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي صورت ۾ هٿيار رکڻ تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو، مدد ڪندڙ وفاقي ملازمن جي مڪمل سڃاڻپ ۽ ايسٽ ڪورڊ تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ دوران اسلام آباد جي شهرين جي چرپر، اسپتالن ۽ اسڪولن کي کليل رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

Read Next

تاحيات نااهلي وارو آرٽيڪل 62 ون ايف ڪارو قانون آهي: چيف جسٽس

Most Popular