تاحيات نااهلي وارو آرٽيڪل 62 ون ايف ڪارو قانون آهي: چيف جسٽس

جسٽس منيب اختر

چيف جسٽس پاڪستان تاحيات نااهلي واري آرٽيڪل 62 ون ايف کي ڪارو قانون قرار ڏئي ڇڏيو.

 سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آھي ته تاحيات نااهلي وارو آرٽيڪل 62 ون ايف ظالماڻو قانون آهي.

چيف جسٽس پاڪستان عمرعطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي تاحيات نااهلي خلاف درخواست تي ٻڌني ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته تاحيات نااهلي وارو آرٽيڪل 62 ون ايف ڊريڪونين قانون آهي، اسان هاڻوڪي ڪيس کي محتاط ٿي ٻڌنداسين، ڪيس کي تفصيل سان ٻڌنداسين.

وڪيل وسيم سجاد عدالت کي ٻڌايو ته فيصل واوڊا 2018ع  ۾ چونڊ وڙهي، 2 سالن کانپوءِ سندس غلط حلفي بيان تي نااهلي جي درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿي.

ان تي چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن کي غلط حلفي بيان تي جاچ ڪرڻ جو اختيار آهي، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو تاحيات نااهلي جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي به ڇڏي ته حقيقتون ته پوءِ به ساڳيون ئي رهنديون، اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا ڪيس ۾ حقيقتن جو درست جائزو ورتو آهي، هن ڪيس ۾ بس سوال رڳو اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن تاحيات نااهلي جو حڪم ڏئي سگهي ٿي يا نه.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 6 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي.

Read Previous

پي ٽي آءِ جو امڪاني لانگ مارچ، حڪومت اهم فيصلا ڪري ورتا

Read Next

شريف ۽ زرداري خاندان سان ذاتي جهيڙو ناهي،  قوم جي مستقبل لاءِ وڙهي رهيو آهيان: عمران خان

Most Popular