شريف ۽ زرداري خاندان سان ذاتي جهيڙو ناهي،  قوم جي مستقبل لاءِ وڙهي رهيو آهيان: عمران خان

imran khan pm

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چوري جا سمورا ڪيس معاف ٿي رهيا آهن جيڪو قوم سان ڀوڳ آهي.

پشاور ۾ پارٽي عهديدارن کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته حڪومت نيب ۾ پنهنجو ماڻهو ويهاري ڇڏيو آهي ته جيئن مرضي جا فيصلا ڪرائي سگهي، چوري جا سمورا ڪيس معاف ٿي رهيا آهن جيڪو قوم سان مذاق آهي.

عمران خان چيو ته منهنجي شريف ۽ زرداري خاندان سان ڪو ذاتي جهيڙو ناهي، پر قوم جي مستقبل لاءِ وڙهي رهيو آهيان، شريف زرداري خاندانن خلاف ڪيسز سندن دور ۾ ٺهيا هئا.

سندس چوڻ هو ته ڪارڪن ۽ عهديدار حقيقي آزادي مارچ جي تياري ڪن، حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪري ئي ساهه کڻنداسين، اڄ قوم لاءِ فيصلائتو وقت آهي، قوم کي پنهنجي مستقبل لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو، ڪنهن به وقت حقيقي آزادي جهموري مارچ جو سڏ ڏئي سگهان ٿو، هاڻ ملڪ جي حقيقي آزادي لاءِ کڙي ٿيڻ جو وقت آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته ان ڪرپٽ ٽولي ماضي ۾ اين آر او وٺي پنهنجون چوريون معاف ڪرايون، هي مهانگائي جو بهانو بڻائي اقتدار ۾ آيا، پر هاڻ انهن مهانگائي جو طوفان پيدا ڪري ڇڏيو آهي، مون خلاف ڪوڙا ڪيسز ٺاهي رهيا آهن ته جيئن سندن رستو صاف ٿي سگهي.

Read Previous

تاحيات نااهلي وارو آرٽيڪل 62 ون ايف ڪارو قانون آهي: چيف جسٽس

Read Next

گليمر جي نالي تي فلمن ۾ گهڻو ڪجهه شامل ڪيو ٿو وڃي: حمزا علي عباسي

Most Popular