گليمر جي نالي تي فلمن ۾ گهڻو ڪجهه شامل ڪيو ٿو وڃي: حمزا علي عباسي

ميگا بجٽ پنجابي فلم ۾ ”نوري نٿ“ جو ڪردار ادا ڪندڙ حمزا علي عباسي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ گليمر جي نالي تي فلمن ۾ اهڙيون گهڻيون شيون شامل ڪيون پيون وڃن جيڪي ڪردار کان گهڻو اڳتي ٿيون وڃن.

تازو هڪ خانگي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستاني فلمن جي ڀيٽ ۾ ڊراما بهتر آپشن آهن ۽ ان ڳالهه جي تصديق به ڪئي ته جلد هو ڊرامن ۾ نظر ايندو، پر فلمن ۾ ڪم ڪرڻ بابت هو ڪجهه نٿو چئي سگهي.

حمزا علي عباسي ڪجهه سال فلمن کان پرتي هو، هن مذهب اسلام سمجهڻ لاءِ شوبز کان پري رهڻ شروع ڪيو پر جلد شوبز ۾ واپسي ڪئي.

Read Previous

شريف ۽ زرداري خاندان سان ذاتي جهيڙو ناهي،  قوم جي مستقبل لاءِ وڙهي رهيو آهيان: عمران خان

Read Next

ايڊم گلڪرسٽ ٽاپ فائيو ۾ بابر کي ڪهڙو نمبر ۽ رمارڪس ڏنا؟

Most Popular