ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف مختلف جاچ جاري آهن، راڻا ثناءُ الله جي تصديق

راڻا ثناءُ الله

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله تصديق ڪئي آهي ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف مختلف جاچ جاري آهن.

هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز جي ليفٽيننٽ جنرل حميد جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ جي مطالبي جي به حمايت ڪئي.

هن سوال ڪيو ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو مينڊيٽ ڪنهن ڏنو؟

راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن فيض حميد اهڙن معاملن ۾ ملوث آهي ته پوءِ واقعي هن اداري ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو آهي.

جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي ڪيس تي تبصرو ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي هاءِ ڪورٽ مان ڪڍيو ويو، فيض حميد خلاف سندس الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ها.

هن چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي شوڪت عزيز صديقي واري معاملي جي جاچ ڪرڻ گهرجي ها.

راڻا ثناءُ الله وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جي ڀائرن خلاف به مالي بي ضابطگين جي مختلف جاچ هلندڙ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جا ڀائر ذاتي حيثيت ۾ ڪجهه نه پئي ڪري سگهيا ۽ جيڪي حقيقتون سامهون آيون آهن، انهن تحت فيض حميد گهڻو ڪري پنهنجي مرضي تي ڪم ڪيو.

راڻا ثناءُ الله به آرمي چيف جي واپاري برادري سان تازي ملاقات کي درست قرار ڏيندي ان کي مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو.

هن چيو ته واپاري حڪومت سان گڏجي ڪم ڪن ته معاشي استحڪام آسان ٿي ويندو، ناڻي واري وزير ۽ آرمي چيف جي واپارين سان ملاقات ضروري آهي.

وفاقي وزير چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ هو ان حوالي سان پنهنجي عزم جو ڪيترائي ڀيرا اظهار ڪري چڪو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سياست ۾ تلخيءَ جو اثر رياست تي پوي ٿو ته ادارن کي اهي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، وفاقي وزير دعويٰ ڪئي ته هڪ ماڻهو جي ذهنيت سبب سياست گندي ٿي وئي آهي.

Read Previous

ساڄاهه وندن پاران آدمشماري ڪندڙن کي سهولتون ڏيجھڻ جي گهر

Read Next

لاهور هائي ڪورٽ ۾ عمران خان جي ٻن اهم درخواستن تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

Most Popular