ساڄاهه وندن پاران آدمشماري ڪندڙن کي سهولتون ڏيجھڻ جي گهر

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) سنڌ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي سڏ تي سنڌ جي ساڃاھ وندن جي ھڪ اھم گڏجاڻي سنڌ ڪوآرڊينيشن جي صدر محبوب شيخ جي صدارت ۾ پروفيسر اعجاز احمد قريشي جي رهائشگاهه ڪراچي ۾ ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي چيئرپرسن علي حسين بروهي، فضل الله قريشي، نصير ميمڻ، ڊاڪٽر محبوب شيخ صدر سنڌ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل، سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي جو سرواڻ پروفيسر اعجاز احمد قريشي، امتياز قاضي، ڊاڪٽر عبدلغفار سومرو، يوسف ميمڻ، محمد شريف بلوچ، مير محمد پرھياڙ، ٽي آءِ ايف ۽ سگا ڪراچي شاخ جي عهديدارن اشرف علي کھاوڙ، غلام اڪبر ملڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ پھرين مارچ کان هلندڙ ڊجيٽل مردم شماري بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. هن گڏجاڻي ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شھرن مان آيل رپورٽن مان معلوم ٿيو ته وفاقي شماريات کاتي طرفان مڪمل تياري ڪرڻ بنا، تڙ تڪڙ ۾ ايڏي وڏي ڪم ۾ ھٿ وڌو ويو آھي. گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته عملي جي تربيت اڻپوري آھي ۽ هنن کي ٽيبليٽ ھلائڻ ۾ پڻ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جنهن ڪري ڳڻپ جو عمل متاثر ٿي رهيو آهي. گڏجاڻي ۾ وفاقي شماريات کاتي ۽ سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي وئي ته ڳڻپ عملي کي گھربل سيڪورٽي ۽ ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي وڃي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته معلوم ٿيو آهي ته ڳڻپ ڪندڙ عملي کي معاوضو پڻ نه پيو ڏنو وڃي. انهيءَ ڪري ڳڻپ عملي طرفان پنهنجون ذميواريون پوريون نه پيون ڪيون وڃن. گڏجاڻي ۾ وفاقي شماريات کاتي اسلام آباد کان پرزور مطالبو ڪيو ويو ته مردمشماري جي عملي کي گهربل سڀ سھولتون ڏئي گهر شماري ۽ آدم شماري شماري مڪمل ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي، جيئن ڪوبه گهر يا ماڻھو ڳڻپ کان رھجي نه وڃي. گڏجاڻي ۾ شناختي ڪارڊ لازمي نه ھجڻ تي خدشن جو ظھار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ ڳڻپ ڌار ظاهر ڪئي وڃي.

Read Previous

عمران خان 75 سالن جي تاريخ جو نااهل، بدڪردار ۽ بزدل شخص آهي: مريم نواز

Read Next

ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف مختلف جاچ جاري آهن، راڻا ثناءُ الله جي تصديق

Most Popular