لاهور هائي ڪورٽ ۾ عمران خان جي ٻن اهم درخواستن تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

عمران خان

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ٻن اهم درخواستن تي ٻڌڻي اڄ ڪري رهي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن الڳ درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي، هڪ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) پاران عمران خان جي تقريرن تي پابندي خلاف ۽ ٻي درخواست حاضريءَ تي سيڪيورٽي خدشن سبب وڊيو لنڪ ذريعي آن لائين پيش ٿيڻ جي آهي.

آن لائن ٻڌڻي واري درخواست ۾، پي ٽي آءِ سربراهه هاءِ ڪورٽ کي استدعا ڪئي آهي ته پاڪستان جي آئين تحت سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا وڃن ۽ سندس حفاظت، ڀلائي ۽ بهتري کي يقيني بڻايو وڃي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عمران خان مٿان سياسي بنيادن تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي درخواست ۾ عدالت جي احاطي ۾ موجود سمورن ماڻهن لاءِ سيڪورٽي خطري جي بنياد تي وڊيو لنڪ ذريعي عدالتي ڪارروائي ۾ پيش ٿيڻ ۽ شرڪت جي اجازت گهري آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن رياستي مشينري انهن ڪيسن جي ٻڌڻي دوران عدالت ۾ امن امان برقرار رکڻ ۾ ناڪام رهي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

Read Previous

ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف مختلف جاچ جاري آهن، راڻا ثناءُ الله جي تصديق

Read Next

لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل

Most Popular