آءِ ايم ايف سان معاهدو ٻن ڏينهن ۾ طئي ٿي ويندو: اسحاق ڊار

اسحاق ڊار

اسلام آباد؛ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان آيا آهيون ۽ گذريل حڪومت جي مقرر ڪيل شرطن تي عمل ڪيو آهي، اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪجهه ڏينهن ۾ طئي ٿي ويندو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته اسان آياسين ۽ گذريل حڪومت جي مقرر ڪيل شرطن تي عمل ڪيو، نئين بجيٽ ۾ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا.

هن چيو ته پاڪستان 2018ع ۾ دنيا جي اڀرندڙ معيشتن ۾ شامل هو، مسلم ليگ ن گذريل دور ۾ آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪيو هو.

ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي دور ۾ في کس آمدني 379 ڊالر وڌي وئي، عمران خان پاڪستان جو قرض وڌايو ۽ آءِ ايم ايف پروگرام کان منهن موڙيو.

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته عمران خان ترقياتي ادارن جي اعتماد کي نقصان پهچايو آهي.

Read Previous

لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل

Read Next

عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي روڪڻ لاءِ حڪومت جي پٺڀرائي ٿي رهي آهي، شيخ رشيد

Most Popular