روس جي يوڪرين جي مختلف شهرن تي بمباري، مواصلاتي نظام درهم برهم

روس يوڪرين

روس يوڪرين جي اتر ۾ خرڪيف کان ڏکڻ ۾ اوڙيسا ۽ اولهه ۾ زيتومير تائين نشانو بڻائيندي مختلف هدفن تي ميزائل فائر ڪيا آهن.

خرڪيف ۽ اوڙيسا ۾ حملن سبب عمارتن ۽ انفراسٽرڪچر کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند آهي، گاديءَ واري شهر ڪيف تي به حملن جا اطلاع آهن.

هي حملا اهڙي وقت ۾ ٿيا آهن، جڏهن اوڀر يوڪرين جي شهر باخموت ۾ زميني ويڙهه جاري آهي، هڪ آمريڪي انٽيليجنس سربراهه چيو آهي ته اها جنگ سالن تائين هلي سگهي ٿي.

روسي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ سال اڳ جارحيت شروع ڪئي، هزارين ويڙهاڪ ۽ عام شهري مارجي ويا يا زخمي ٿيا ۽ لکين يوڪريني پناهگير بڻجي ويا آهن.

گادي واري شهر کان اولهه ۽ ڏاکڻين ضلعن ۾ ڌماڪن وارن هنڌن تي هنگامي حالتون لاڳو آهن، جتي ميئر ويٽالي ڪليٽسڪو چيو آهي ته ڌماڪا ٿيا.

ڪليٽسڪو چيو ته گاڏيون هڪ رهائشي عمارت جي اڱڻ ۾ سڙي رهيون آهن ۽ ماڻهن کي پناهه گاهن ۾ رهڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي.

گورنر ميڪسم مارچينڪو چيو ته هڪ وڏي پيماني تي ميزائل حملو اوڊيسا جي بندرگاهه واري شهر ۾ توانائي جي تنصيب تي حملو ڪيو ويو، جنهن سان بجلي بند ٿي وئي آهي.

Read Previous

عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي روڪڻ لاءِ حڪومت جي پٺڀرائي ٿي رهي آهي، شيخ رشيد

Read Next

هالينڊ جو جديد مائڪرو چپس برآمد ڪرڻ تي پابنديون لڳائڻ جو اعلان

Most Popular