عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي روڪڻ لاءِ حڪومت جي پٺڀرائي ٿي رهي آهي، شيخ رشيد

شيخ رشيد

اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نگران حڪومتون چونڊيل حڪومتن کان ٻه قدم اڳتي نڪري ويو، هاڻي سياست جا فيصلا ايندڙ ڏينهن ۾ عدالتن ۾ ٿيندا.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته حڪومت سياسي ۽ معاشي استحڪام نه پر رڳو پنهنجو مفاد ڏسي رهي آهي، ظاهري طور چونڊون ڪرائڻ جي موڊ ۾ ناهي.

اڳوڻي گهرو وزير چيو ته پيمرا تي پابندي قوم کي ٽيليويزن بدران سوشل ميڊيا تي وٺي ويندي، عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي روڪڻ لاءِ حڪومت جي پٺڀرائي ٿي رهي آهي.

هن چيو ته پنجاب ۾ چونڊ شيڊول جو اعلان خوش آئند آهي، نگران حڪومتون چونڊيل حڪومتن کان اڳتي نڪري ويون آهن، خيبرپختونخواهه جو گورنر سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ناهي ڪري رهيو.

اڳوڻي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته جنهن ڏينهن اليڪشن جو شيڊول اچي رهيو آهي، ان ڏينهن قلم 144 لاڳو ڪيو پيو وڃي، پهرين ڏينهن ئي پي ٽي آءِ جو هڪ ڪارڪن چونڊ مهم ۾ مارجي ويو.

شيخ رشيد احمد چيو ته 10 مهينا گذري ويا آهن، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن پر نتيجو نه اچي رهيو آهي.

Read Previous

آءِ ايم ايف سان معاهدو ٻن ڏينهن ۾ طئي ٿي ويندو: اسحاق ڊار

Read Next

روس جي يوڪرين جي مختلف شهرن تي بمباري، مواصلاتي نظام درهم برهم

Most Popular