سنڌ ڪابينا پاران آءِ ٽي سان واڳيل 3000 کان وڌيڪ پوسٽن جي اپ گريڊيشن جي منظوري

سنڌ ڪابينا

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي، پرنسپل سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي کاتي جي انهن پوسٽن ۾ ڪمپيوٽر آپريٽرز بي ايس 5 کان 10 تائين اپ گريڊ ڪري بي ايس 12، آئي ٽي سان لاڳاپيل ملازمن کي بي ايس 11 کان بي ايس 15 تائين اپ گريڊ ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گريڊ 16 ۾ شامل ملازمن کي بي ايس 17 ۾ اپ گريڊ ڪيو ويو آهي، 3264 ملازمن جي اپ گريڊيشن سان خزاني ۾ 243.706 ملين رپين جو اضافو ٿيو آهي، ڪابينا 3264 آئي ٽي پوسٽن جي اپ گريڊيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ ڪابينا ڪورونا وائرس ايمرجنسي فنڊ بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جو انتظام چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ 6 رڪني ادارو ڪري رهيو هو.

ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 18 مارچ 2020 کان 21 اپريل 2021 تائين 17 اجلاسن دوران ڪورونا وائرس ايمرجنسي فنڊ ۾ 3312.93 ملين رپيا وصول ڪيا ويا، جڏهن ته فنڊ جو ڪل خرچ 3312.93 ملين رپيا رهيو.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪورونا وائرس ايمرجنسي فنڊ جي اڪائونٽ ۾ 35.7 ملين رپين کان وڌيڪ رقم موجود آهي.

سنڌ ڪابينا باقي رقم ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ خرچ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

سنڌ ڪابينا اقبال ڊيٿو کي سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جو چيئرمين بڻائڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان کان اڳ ڪميشن جي چيئرپرسن جسٽس (ر) ماجده رضوي هئي.

Read Previous

هالينڊ جو جديد مائڪرو چپس برآمد ڪرڻ تي پابنديون لڳائڻ جو اعلان

Read Next

سنڌ ڪابينا ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪري ورتو

Most Popular