سنڌ ڪابينا ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪري ورتو

سنڌ ڪابينا

ڪراچي: سنڌ ڪابينا ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف وڏي پيماني تي آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس دوران گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ پوليس کي فوجي گريڊ جي هٿيارن جي ضرورت آهي.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته فوجي گريڊ جي هٿيارن جي خريداري جي سفارش 5 جنوري 2023 تي ٿيل اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪئي وئي هئي.

ٻڌايو ويو ته فوجي گريڊ جي هٿيارن جي خريداري لاءِ 2.7 ارب رپيا گهربل آهن، ڪابينا فنڊن جي منظوري ڏيندي هٿيارن جي خريداري جي به منظوري ڏئي ڇڏي.

Read Previous

سنڌ ڪابينا پاران آءِ ٽي سان واڳيل 3000 کان وڌيڪ پوسٽن جي اپ گريڊيشن جي منظوري

Read Next

آڱرين تي ڳڻڻ جيترا عنصر بلوچ عوام جي عزم کي ختم نٿا ڪري سگهن، آرمي چيف

Most Popular