عدليه جي ورهاڱي ۽ چيف جسٽس خلاف مهم ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: عمران خان

عمران خان

لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته انهن جو منصوبو عدليه کي ورهائڻ ۽ چيف جسٽس خلاف مهم هلائڻ جو آهي، ان منصوبي کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين جيڪڏهن 90 ڏينهن اندر چونڊون نه ٿيون ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون نه رهندو.

سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته قلم 144 ختم ٿي چڪو آهي، ٻيهر روڊن تي نڪرنداسين، جلد چونڊ ريلي شروع ڪرڻ وارا آهيون.

هن چيو ته هو سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد نٿا چاهين، جيڪڏهن 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون نه رهندو.

عمران خان چيو ته هن ڪڏهن به آرمي چيف سان ملاقات جو مطالبو ناهي ڪيو، چورن سان نه ڳالهائينداسين، مان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي حق ۾ آهيان، هنن چورن جو مسئلو رڳو اين آر او وٺڻ جو آهي ۽ مون کي اها خبر آهي ته اين آر او کان سواءِاهي ڳالهيون نه ڪندا.

گرفتاري جي سوال تي هن چيو ته گرفتاري، نااهلي سميت هر ڏکيائي لاءِ تيار آهيون، 8 مارچ جو واقعو 25 مئي جو ٻيو حصو هو، ڪالهه جي واقعي ۾ به اهي ئي آفيسر ملوث آهن جيڪي 25 مئي تي هئا.

Read Previous

عورت حقيقت پسند ، آزاد فڪر ، مثبت ڪردار آهي

Read Next

ايف آءِ اي خانگي ٽي وي جي مالڪ شعيب شيخ کي گرفتار ڪري ورتو

Most Popular