ايف آءِ اي خانگي ٽي وي جي مالڪ شعيب شيخ کي گرفتار ڪري ورتو

شعيب شيخ

ڪراچي: ايف آءِ اي خانگي ٽي وي جي مالڪ شعيب شيخ کي گرفتار ڪري ورتو.

خانگي ٽي وي چينل جو مالڪ شعيب شيخ اسلام آباد کان ڪراچي پهتو ته ايئرپورٽ تان ايف آءِ اي کيس حراست ۾ ورتو.

ذريعن موجب شعيب شيخ تي جج کي رشوت ڏيڻ جو الزام آهي، ان کان اڳ ايف آءِ اي نجي ٽي وي جي مالڪ کي ڪيترائي ڀيرا پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو پر هن نوٽيس تي عمل نه ڪيو.

ايف آءِ اي جي ڪيترن ئي نوٽيسن باوجود شعيب شيخ ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش نه ٿيو.

ٻئي طرف ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شعيب شيخ کي اينٽي ڪرپشن سرڪل گرفتار ڪيو، جوابدار جعلي ڊگري اسڪينڊل ايگزيڪٽ تحت سائبر ڪرائم سرڪل ۾ داخل ڪيس مان بري ٿيڻ لاءِ رشوت ڏني هئي.

Read Previous

عدليه جي ورهاڱي ۽ چيف جسٽس خلاف مهم ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: عمران خان

Read Next

جنرل عاصم منير کان ڪجهه سوال

Most Popular