عورت حقيقت پسند ، آزاد فڪر ، مثبت ڪردار آهي

سيد زوار حسين شاه

 8  مارچ  1909 عورتن جي عالمي  ڏينهن جي سلسلي م پوري دنيا سميت پاڪستان ، سنڌ ۾ به تاريخي ريليون ڪڍيون ويون آهن ،   سڀ کان پهريان آمريڪا جي هڪ شهر ۾ ان وقت عورتن گڏجي پاڻ مٿان ٿيندڙ تشدد خلاف احتجاج ٿيو جڏهن آمريڪا جي  هڪ فيڪٽري اندر عورتن کي پگهار گهٽ پئي ملي جنهن ڪري ڪجهه عورتون پاڻ ۾ ملي ان فيڪٽري جي مالڪن خلاف احتجاج ڪيو جڏهن ته ان احتجاج ڪندڙ عورتن کي پوليس لٺبازي ڪري زخمي ڪري وڌو ، جنهن کان پوء ان خلاف  ڪيترن ئي ملڪن اندر احتجاج ٿيندا رهيا ، ۽ مختلف تاريخن تي احتجاج ٿيندا رهيا ،  نيٺ جرمني ، امريڪا سميت ٻين ملڪن جي هڪ سوشل ايڪٽويشت عورت اڳواڻ اهو فيصلو ڪيو ته عورتون پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاء گهرن کان ٻاهر نڪرن ، ريلي ڪڍن  جنهن بعد  هڪ سماجي تنظيم جي اڳواڻ عورت 10 مارچ  وري 13 مارچ تي عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد پوليس جي لٺبازي خلاف احتجاج ڪيا ، جڏهن ته 8 مارچ  عورتن جي عالمي ڏينهن مقرر ٿيو جنهن بعد پوري  دنيا ۾ هاڻ  عورتن سان اظهار يڪجهتي ڪندي عورتون پنهنجو ڏينهن ملهائين ٿا  انهي سلسلي ۾ سنڌ جي ننڊن وڏن شهرن، راڻيپور ۾ به  عورتن جي عالمي ڏنهن جي سلسلي ۾ ريليون بيٺڪو ورڪ شاپ ، لائيو شوز ٿي رهيا آهن ، جنهن جو ڪريڊيٽ  ڊائريڪٽر لائيو سيشن سيد زوار حسين شاه ، ڊپٽي ڊائريڪٽر فقير محمد عباسي ڏانهن وڃي ٿو.   راڻيپور سٽي لائيو اسٽوڊيو ۾ مختلف ادارن جنهن ۾ هيومن رائيٽيس واچ پاڪستان ، شهاب فائونڊيشن سنڌ ، شاه لطيف فائونڊيشن سنڌ ، هيومن رائيٽيس پيس آف سنڌ ، سماج سڌارڪ فورم سنڌ جي مرڪزي اڳواڻن  صنم راڄپر سنڌو نواز گانگهرو  ، شهناز شيخ ، سيما ناز ، ڪلثوم ، صنم سنڌو ، شبانا ناز شيخ ۽ ٻين سٽي پريس ڪلب راڻيپور تي لائيو شيشن ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن تي گفتگو ڪندي  چيو ته عورت هن وقت ڪافي مشڪل ترين حالاتن کي منهن ڏيئي رهي آهي ، سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ڳوٺن ۾ عورت مٿان ڪارو ڪاري جا  ڪيترائي  ڪڌا الزام هڻي قتل ڪيو ٿو وڃي ، جڏهن ته عورت مظلوم بيگناهه هئڻ سان گڏ  گهر جو وهنوار به  هلائي رهيون آهن ، جيئن هڪ گهر جي هر فرد کي سکيو رکي سگهجي ، جڏهن ته  ڪيترن ئي ڳوٺن جا مرد ڪم ڪار نه ٿا ڪن ، جنهن ڪري گهر هلائڻ لاء  اڪثر عورتن کي مزدوري مختلف ادارن ۾ پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪن ٿيون ، هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خاص سنڌ اندر عورت وڏي ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهي آهي ، سنڌ جو ڀوتار جاگيردار وڏيرو ڪڏهن به نه چاهيندو ته سنڌ جي نياڻي تعليم حاصل نه ڪن ، اهو ئي سبب آهي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي پڙهائڻ کان پري رکيو وڃي ٿو ، جنهن سان به پاڪستان ، سنڌ کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي ، هنن وڌيڪ چيو ته هن وقت شعور سڄاڳ آهي ، جاڳي ٿي ، بهتر تعليم حاصل ڪري ٿي ، پاڪستان جي اعلي عهدن تي فائز آهن ، مردن سان شانه بشانه گڏجي ملڪ سميت سنڌ جي بقا سلامتي لاء فرض ادا ڪري رهيون آهن ، هنن وڌيڪ چيو ته اسان عورتن کي تحفظ مهيا ڪيو وڃي ، جڏهن ته سنڌ جي ناليوارين سماج سڌارڪ قلم ڪارن جنهن ۾ فقير محمد عاصي ، محمد رمضان عباسي ، سيد زوار شاه ۽ ٻين عورتن سان درپيش مسئلن ، عورتن سان ٿيندڙ ذيادتين بابت سوال ڪيا جڏهن ته سندس جي ڪيل خدمت تي پڻ روشني وڌي وئي ، سٽي لائيو سيشن ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن تي عورتن جي آواز کي تحفظ ڏيڻ لاء عالمي ادارن سميت ادارن تائين پهچائڻ ۾ باضمير صحافي پهچائين جيئن عورتن کي مڪمل تحفظ مهيا ملي سگهي   عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان مختلف شهرن سميت سٽي لائيو استوڊيو ۾ مختلف سماج سڌارڪ رهنمائن پاران عورتن سان ٿيندڙ ذيادتين بابت مفصل ويچار ونڊيا ، عورت پنهنجي ڀائرن سان گڏجي ملڪ جي بقا سميت تمام ٿيندڙ ذيادتين تي ٻانهن ٻيلي ٻڻ ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿيون ، عورتن کي مالي جاني تحفظ مهيا ڪيو وڃي . جڏهن ته هن وقت پاڪستان سميت خاص سنڌ م عورتن کي اهي حق نه ٿا ڏنا وڃن جيڪي ڏيڻ گهرجن هان ، ان ڪري هن وقت به سنڌ ۾ عورتون غير محفوظ آهن ، جڏهن ته عورت اڳواڻن جنهن ۾ چيئرپرسن ميڊم صنم راڄپر ،  سماج سڌارڪ سنڌو نواز گانگهرو سيما ناز ، ڪلثوم  صنم سنڌو ، شهناز شيخ ، شبانه ناز شيخ ،  شهناز شيخ ، صنم منگي ، ميڊم غلام صغرا ، نازيه ناز ، نائيلا ،  ٻين سدائين عورتن سان ٿيندڙ زيادتين ظلمن  خلاف بهترين انداز سان سييمانر ورڪ شاپ منعقد ڪري انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي ،  ان موقعي تي  سيد زوار حسين شاه ، فقير محمد عباسي ، محمد رمضان عباسي ، ممتاز سمون ۽ ٻين سٽي لائيو نيوز اسٽوڊيو ۾ آيل  خاص مهمانن کان سوال ڪندي چيو ته ڇا عورت هن ملڪ اندر آزاد آهي ، ڇا اهي پنهنجي مرضي سان ڪم ڪري سگهن ٿيون ،  هنن چيو ته اسان جي سنڌ م عورتن جي تحفط لاء اداره ڪم ته ڪن ٿا پر ڪڙو سچ اهو به آهي ته پاڪستان ۾ عورتن سان انصاف نه پيو ٿئي ، هنن چيو ته عورت هن وقت به آزاد ناهي ، پر پوء به  اسان عورتن جي ٻڌي سان انصاف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ، جڏهن ته  جڏهن هڪ عورت گهر ڇڏي ڪنهن به نجي يا سرڪاري اسڪولز ڪاليجز يونيورسٽيز ۾ ڪم ڪن ٿيون  تعليم حاصل ڪن ٿيون  انهن کي وڏي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ، ان لاء حڪومت وقت حڪمرانن ادارن کي نوٽيس وٺي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجن ، هنن چيو ته  10 مارچ 2009  پهرئين احتجاج بعد جهڙي طرح هو گهرن کان ٻاهر نڪري پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاء احتجاج ڪن ٿيون ، پر جهڙي طرح عورتن محنت ڪري  اهو مقام حاصل ڪيو جيڪو  ڪافي تڪليفن بعد حاصل ڪيو ، تعليم دوران ، نوڪرين دوران عام ماڻهن عورت کي حراسان ڪن ٿا ، دوستي رکڻ جو دٻاء وڌو وڃي ٿو ، پر انهن هاڻ پوري دنيا ۾  وڏيون وڏيون قربانيون ڏيئي تڪليفن کي منهن ڏيئي اها حيثيت حاصل ڪئي ، جنهن تي فخر ڪيون ٿا ، هن وقت به پاڪستان سميت سنڌ م عورت آزاد ناهي ، انهن جي حقن تي ڌاڙا هنيا وڃن ٿا ، ملڪيت مان حصو ان کي نه ٿو ڏنو وڃي ، ڪاروڪاري جا ڪڌا الزام هڻي عورت کي قتل ڪيو ٿو وڃي ، جڏهن ته سنڌ م عورتن جي خلاف ڪم ٿي رهيو آهي ، سوال اهو آهي ته اداره ڇا پيا ڪن ، سياستدان حڪمران ڇا پيا ڪن ، پر مان سلام پيش ڪندس صهافت جي سالار سچي صحافت کي عين عبادت سمجهندڙ ، بهترين انسان بهترين وم پرست جناب نعمت کهڙو ان جي مڪل ٽيم کي جنهن حيدرآباد کان خاص گهوٽڪي ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن واري ريلي ۾ شرڪت ڪئي ، ۽ عورتن سان ٿيندڙ تشدد ، زيادتين خلاف عورتن سان اظهار يڪجهتي ڪيو ، جڏهن ته سندس فيملي سکر ريلي ۾ شريڪ هيون ، ، مان سلام پيش ڪندس اسٽيپ فائيونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم شائسته بلوچ ، سنڌ جي ناليواري سماج سڌارڪ پ پ پ رهنما ، صحافي ميڊم صنم راڄپر جنهن سدائين عورتن سان ٿيندڙ زيادتين تي هر وقت آواز بلند ڪيو جڏهن ته سوين ٽي وي ٽاڪ شوز ، لائيو سيشن ڪري بهترن ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ فرض به نڀايو ، هجيڪڏهن 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي جيان عورتن جي حقن لاء سڀ گڏ يڪجا ٿي آواز بلند ڪندا ته پڪ اٿم ته عورت اهو مقام حاصل ڪرڻ ۾ بنا دير پهچي سگهي ٿي ، پر مان اها به گذارش ڪندس ته  عورت هڪ عظيم آهي ، عورت ماء ، عورت ڀيڻ ، عورت جيون ساٿي ، به آهي مختلف روپ عظيم ڪردار رکندڙ شخصيتب جي مالڪا به آهي ، جنهن تي اسين ناز  ڪيون ٿا ، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي انهن عورتن جن سدائين ان ڪڌي نطام جنهن ۾ عورت کي حقير سمجهيو ٿو وڃي ان ڪڌي معاشري ۾ رهندڙ عورت وري به بهترين ڪردار ادا ڪن پيون ، اچو ته گڏجي هر هڪ ان عورت جيڪا مظلوم آهي جيڪا ڀوتارن جاگيردارن پيرن ميرن جي ظلم جو عتاب آهي وري به انهن حوصلو نه هاريون هر قدم اڳتي وڌايو ۽ هو پائيلٽ به ٿي ، هو بهترين سياستدان به ٿي ته عورت بهترين استاد به ٿي ته عورت سائينداسن به ٿي ، ته عورت  اداري جي سربراه به ٿي ، عورت ڊاڪٽر به ٿي ، جڏهن ته  پاڪستان اندر عورت بهترين جج به ٿي ، بهترين اديب به ٿي  عورت جنرل به ٿي برحال اسلام به عورت کي عظيم رتبن سان ياد رکيو آهي ، ان ڪري هر عورت جو هر هڪ تي اهو فرض ڪيو آهي ته ، انهن جو احترام پڻ ڪيو وڃي جڏهن ته اها به حَيقت آهي ته عورت جيڪڏهن نه هجي ها ته هي جهان نه هجي ها ،ان ڪري برابري جي بنياد تي عورت ڪوشس پئي ڪري ته هر  سک ڏک سميت ملڪ جي بقا سلامتي ۾ مردن سان  شانه بسانه گڏ رهي پنهنجي حصي جو ڪم ڪيان ان ڪري عورٽ حقيقت پسند ، مثبت سوچ رکندڙ ڪردار ، آزاد فڪر رکندڙ ڪردار آهي

Read Previous

پي ٽي آئي وفد جي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات، پنجاب نگران حڪومت جي رويي تي خدشا ظاهر

Read Next

عدليه جي ورهاڱي ۽ چيف جسٽس خلاف مهم ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: عمران خان

Most Popular