پي ٽي آئي وفد جي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات، پنجاب نگران حڪومت جي رويي تي خدشا ظاهر

اليڪشن ڪميشن

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اعليٰ سطحي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ملاقات ڪري نگران حڪومت جي رويي تي خدشن جو اظهار ڪيو.

پي ٽي آءِ جي وفد ۾ وائيس چيئرپرسن شاهه محمود قريشي، سيڪريٽري جنرل اسد عمر ۽ مليڪا علي بخاري شامل هئا.

اليڪشن ڪميشن جي سربراهه سان ملاقات ۾ اڳوڻي حڪمران پارٽي جي اڳواڻن پنجاب جي نگران حڪومت جي رويي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

هنن گذريل ڏينهن لاهور ۾ چونڊ مهم جو به ذڪر ڪيو، جتي پوليس پي ٽي آءِ جي رٿيل ريلي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا هئا.

وفد پنجاب ۾ ايندڙ چونڊن ۾ ريٽرننگ آفيسر طور بيوروڪريٽس آفيسرن جي مقرري تي به خدشن جو اظهار ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ اڳواڻن کي چيو ته هاءِ ڪورٽ پاران عدالتي آفيسرن کي آر اوز جا فرض سرانجام ڏيڻ جي اجازت نه ڏيڻ کانپوءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي رهيو.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ وائيس چيئرمين عمران خان اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

Read Previous

اداڪار ستيش ڪوشڪ 66 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

عورت حقيقت پسند ، آزاد فڪر ، مثبت ڪردار آهي

Most Popular