پي ٽي آءِ جي ريلي، بازارون ۽ اسڪول بند ڪرڻ جو حڪم

پي ٽي آءِ ريلي

لاهور جي ضلعي انتظاميا پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي اڄ شهر ۾ ريلي ڪرڻ جي اجازت ڏيندي روڊن تي موجود تعليمي ادارا ۽ بازارون 12 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.

وڏي وزير جي هدايت تي ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته انتظاميا عوامي ميڙ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ لاهور جي قيادت کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته عدليه ۽ ادارن خلاف تقريرن جي اجازت نه ڏني ويندي.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي اعلان موجب پنجاب حڪومت لاهور ۾ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪندي رينجرز کي طلب ڪري ورتو آهي.

ڪمشنر لاهور چوڌري محمد علي رنڌاوا سڪيورٽي خدشن سبب پي ٽي آءِ جي جلسي جي روٽ ۾ سمورا اسڪول، ڪاليج، دڪان ۽ مارڪيٽون 12 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

اسان ايترا خوبصورت ناهيون جو ڪنهن حسن جي مقابلي ۾ تحفو کٽيو هجي، لاهور هائي ڪورٽ

Read Next

فلم ايوري ٿنگ جي اداڪارن ڪي هوئي ڪوان ۽ جيمي لي ڪرٽس آسڪر ايوارڊ ماڻي ورتو

Most Popular