فلم ايوري ٿنگ جي اداڪارن ڪي هوئي ڪوان ۽ جيمي لي ڪرٽس آسڪر ايوارڊ ماڻي ورتو

ڪي هوئي ڪوان

ٻن ڏهاڪن تائين فلم انڊسٽري کان پري رهندڙ هڪ وقت جي چائلڊ اسٽار ڪي هوئي ڪوان ۽ هالي ووڊ جي معروف اداڪار جيمي لي ڪرٽس فلم ”ايوري ٿنگ ايوري ويئر آل ائٽ ونس“ ۾ پنهنجي ڪردار لاءِ آسڪر ايوارڊ ماڻيو.

ويٽنام ۾ جنم وٺندڙ ڪي هوئي ڪوان لاس اينجلس ۾ ڊولبي ٿيٽر ۾ اسٽيج تي پنهنجي سون جو آسڪر مجسمو شو بزنس جي وڏن نالن سامهون هٿن ۾ پڪڙي رکيو.

هن چيو ته منهنجو سفر هڪ ٻيڙيءَ تي شروع ٿيو، مون هڪ سال پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ گذاريو، ڪنهن طرح مان هتي هالي ووڊ جي سڀ کان وڏي اسٽيج تي پهتس.

هڪ ڇوڪري جي حيثيت ۾، ڪي هوئي ڪوان 1984 جي "انڊيانا جونز” فلم ۽ 1985 "دي گونيز” ۾ ڪم ڪيو.

51 سالن جي اداڪار جو چوڻ هو ته هن ڪيترن ئي سالن کان اداڪاري ڇڏي ڏني هئي، ڇاڪاڻ ته هن ايشيائي اداڪارن لاءِ وڏي اسڪرين تي تمام گهٽ موقعا نظر اچن ٿا.

سندس چوڻ هو ته اهڙيون ڳالهيون صرف فلمن ۾ ٿينديون آهن، مان يقين نه ٿو ڪريان ته اهو مون سان ٿي رهيو آهي، هي آمريڪا جو خواب آهي.

Read Previous

پي ٽي آءِ جي ريلي، بازارون ۽ اسڪول بند ڪرڻ جو حڪم

Read Next

عورت جج کي ڌمڪين وارو ڪيس: عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

Most Popular