ملاله يوسفزئي جي دنيا جي سڀ کان وڏي ايوارڊ آسڪرز ۾ انٽري

ملاله يوسفزئي

دنيا جي ننڍي عمر جي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي 95 هين اڪيڊمي ايوارڊز جي تقريب ۾ شاندار نموني شرڪت ڪئي.

ملالا پنهنجي مڙس عصر ملڪ سان گڏ آمريڪي برانڊ رالف لارين جو سلور هيڊڊ فل لينٿ گاؤن پائي ريڊ ڪارپيٽ تي شرڪت ڪئي.

ملالا جي زيورن جي چونڊ هڪ علامتي معنيٰ رکي ٿي، هن جي هٿ تي هڪ هيرن جي منڊي، زمرد سان سينگاريل هئي، جيڪا هندستان ۽ پاڪستان ۾ مليل بهترين زمرد جي نمائندگي ڪري ٿي، جتي هوءَ رهي ٿي.

ان کان علاوه، هن جي ڪنن جا والا اهم هئا، ڇاڪاڻ ته انهن جو تعلق 1930 جي ڏهاڪي ۾ افغانستان جي پهرين راڻي ثريا طرزي سان هو، جنهن پڻ ملڪ ۾ عورتن جي حقن ۽ تعليم جي حمايت ڪئي هئي.

ملالا جي آسڪر ايوارڊ نه رڳو فيشن ۽ انداز لاءِ هئي، پر هوءَ شارٽ فلم Stranger at the Gate جي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر پڻ هئي، جنهن کي بهترين ڊاڪيومينٽري لاءِ اڪيڊمي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو.

Read Previous

مريم نواز بابت ٽوئيٽ، فواد چوڌري 17 مارچ تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم طلب

Read Next

پاڪستان آءِ ايم ايف کان نرم رويو اختيار ڪرڻ لاءِ آمريڪا کان مدد گهري ورتي

Most Popular