حڪومت صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي توشه خاني مان 300 ڊالرن کان وڌيڪ جا تحفا وٺڻ کان روڪي ڇڏيو

Tosha khana

وفاقي حڪومت صدر، وزيراعظم، ڪابينا جي ميمبرن، ججن ۽ سول ۽ فوجي آفيسرن تي توشه خاني مان 300 ڊالرن کان وڌيڪ جا تحفا وصول ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

ٽي وي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت توشه خانه پاليسي 2023 تي فوري طور تي عمل ڪيو آهي ۽ ان لاءِ لاڳاپيل هدايتون جاري ڪيون آهن.

غير ملڪي معززين طرفان اعلي رياستي ۽ سرڪاري آفيسرن کي ملندڙ تحفا عام طور تي رياستي ملڪيت سمجهيا وڃن ٿا، جڏهن ته، حڪومتي پاليسيءَ موجب، اهي تحفا صرف سياسي ۽ بيوروڪريسي اشرافيه، سولين، فوجين ۽ اعليٰ عدليه جي ججن کي ملن ٿا.

ذريعن موجب حڪومت ڪروڙين رپين جون گاڏيون، واچون، زيور ۽ ٻيا تحفا وصول ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر، وزيراعظم، ڪابينا ميمبرن، ججن ۽ سول ۽ فوجي آفيسرن تي 300 ڊالرن کان وڌيڪ جا تحفا وٺڻ تي پابندي هوندي.

صدر، وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن تي ملڪي ۽ غير ملڪي شخصيتن کان تحفا ۽ روڪ رقم وٺڻ تي پابندي هوندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ججن ۽ سول ۽ فوجي آفيسرن تي ملڪي ۽ غير ملڪي شخصيتن کان نقد رقم تحفي طور وصول ڪرڻ تي به پابندي هوندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به شخص کي تحفي ۾ ڏنل گاڏيون ۽ قيمتي شيون خريد ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين پاليسي تحت تحفي ۾ مليل گاڏين کي ڪيبنٽ ڊويزن جي گاڏين جي سينٽرل پول ۾ صحيح نموني سان ڏيکاريو ويندو، جڏهن ته قيمتي نوادرات کي سرڪاري هنڌن تي ڏيکاريو ويندو.

ان کان علاوه صدر، وزيراعظم، ڪابينا ميمبرن، ججن، سول ۽ فوجي آفيسرن کي 300 ڊالرن کان گهٽ قيمت جا تحفا مارڪيٽ ۾ خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته عوام اوپن نيلام ذريعي 300 ڊالرن کان وڌيڪ جا تحفا خريد ڪري سگهندو.

ذريعن موجب صدر ۽ وزير اعظم کانسواءِ ٻين آفيسرن جي ڪٽنبن لاءِ تحفا وٺڻ تي پابندي هوندي، سون ۽ چاندي جا سڪا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان حوالي ڪيا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته توشه خانه پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، پرڏيهي وزارت جا آفيسر ڪابينا ڊويزن کي تحفا ڏيڻ جا پابند هوندا.

تحفن جي قيمت جو تعين فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ خانگي ادارن جا ماهر آفيسر ڪندا، جڏهن ته تحفي ۾ مليل هٿيارن جي قيمت جو تعين خانگي ادارا ڪندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گريڊ 1 کان گريڊ 4 تائين جا ملازم پرڏيهي عهديدارن کان تحفي طور نقد رقم وصول ڪري سگهندا.

Read Previous

جج ڌمڪي ڪيس، عدالت عمران خان کي 16 مارچ تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

Read Next

ڀارت خلاف ون ڊي سيريز ۾ اسٽيو سمٿ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت ڪندو

Most Popular