آءِ ايم ايف معاهدي جي سزا ملڪ ڀوڳي رهيو آهي، راڻا ثناءُ الله

راڻا ثناءُ الله

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسان جو بيانيو پاڪستان جي ترقي جو آهي، جيڪو مريم نواز کڻي هلي پئي.

پتوڪي ۾ ن ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته نواز شريف دهشتگردي ختم ڪري ملڪ کي لوڊشيڊنگ کان بچايو.

راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن جي قائد جي پاڪستان کي سازش تحت پوئتي ڌڪيو ويو، نواز شريف جي مهرباني سان ملڪ ايٽمي طاقت بڻجيو ۽ مستحڪم ۽ مستقل آهي.

هن چيو ته 90 واري ڏهاڪي ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو، يورپ مان وفد ايندا هئا، اڄ سوشل ميڊيا تي ڪم ڪرڻ جو انداز تبديل ٿي ويو آهي.

هن چيو ته عوام جو نواز شريف تي اعتماد آهي، ن ليگ قائد پاڪستان کي مستحڪم ڪيو، مريم نواز اهو بيانيو کڻي رهي آهي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته مهانگائي سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي، اسان آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ڪيو، جنهن جي سزا ملڪ ڀوڳي رهيو آهي.

Read Previous

گرفتاری وارنٹ برقرار، عمران خان کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم

Read Next

اسٽيبلشمينٽ ماڻهن کي وڙهائي تماشو ڏسندي آهي، سراج الحق

Most Popular