اسٽيبلشمينٽ ماڻهن کي وڙهائي تماشو ڏسندي آهي، سراج الحق

سراج الحق

باجوڙ: جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ ماڻهن کي وڙهائي تماشو ڏسندي آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه غير جانبدار ٿي وڃن.

باجوڙ ۾ جلسه عام کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته قبائلي حقن جو لانگ مارچ انضمام وقت ڪيل واعدا پورا نه ڪرڻ خلاف آهي، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جا ڪيل واعدا ڪوڙا ثابت ٿيا.

هن چيو ته 75 سالن کان ملڪ ۾ اهو ئي ڊرامو هلي رهيو آهي ته فوج ڪڏهن هڪ کي ۽ ڪڏهن ٻئي کي حڪومت ڏئي ٿي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ غير جانبدار ٿي وڃي.

ان موقعي تي ٻين خطاب ڪندي قبائلي عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

Read Previous

آءِ ايم ايف معاهدي جي سزا ملڪ ڀوڳي رهيو آهي، راڻا ثناءُ الله

Read Next

جيڪڏهن عمران خان سرينڊر ڪري ته آءِ جي چئون ٿا ته گرفتار نه ڪري، سيشن ڪورٽ

Most Popular