لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي مينار پاڪستان تي جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور هائي ڪورٽ

لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي مينار پاڪستان تي جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ قلم 144 لاڳو ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

حماد اظهر جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ قلم 144 لاڳو نه ٿي ڪري سگهجي، عدالت نگران پنجاب حڪومت جي قدم کي غير قانوني قرار ڏيندي آرٽيڪل 144 جي حوالي سان مستقبل ۾ هدايتون جاري ڪري.

عدالت پي ٽي آءِ کي آچر تي مينار پاڪستان تي جلسو ڪرڻ کان روڪيندي رمارڪس ڏنا ته توهان اڄ آءِ جي پنجاب ۽ چيف سيڪريٽري سان گڏ ويهي ميڪنزم ٺاهيو. اوهان سڀني کي گڏجي هن مسئلي کي حل ڪرڻ گهرجي، نظام کي ڪم ڪرڻ ڏيو.

عدالت چيو ته جيڪڏهن توهان کي جلسو ڪرڻو آهي ته پندرهن ڏينهن اڳ پلان ڏيو، خدا جو واسطو آهي اوھان ماڻھو ڪارونهوار هلڻ ڏيو، سسٽم کي هلڻ ڏيو.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اليڪشن شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ پنجاب جي نگران حڪومت آرٽيڪل 144 لاڳو ڪرڻ جي درخواست ڪئي.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آچر تي مينار پاڪستان تي جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

Read Previous

جيڪڏهن عمران خان سرينڊر ڪري ته آءِ جي چئون ٿا ته گرفتار نه ڪري، سيشن ڪورٽ

Read Next

عمران خان جي گرفتاري لاءِ آپريشن روڪڻ جي حڪم ۾ سڀاڻي تائين واڌ

Most Popular