عمران خان جي گرفتاري لاءِ آپريشن روڪڻ جي حڪم ۾ سڀاڻي تائين واڌ

عمران خان

لاهور هاءِ ڪورٽ زمان پارڪ ۾ آپريشن روڪڻ جي حڪم ۾ سڀاڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پاران زمان پارڪ ۾ پوليس ڪارروائي روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، فواد چوڌري جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت فواد چوڌري جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار ڪٿي آهي، صبح جا 10 ٿي ويا آهن، اوهان جي سنجيدگي آهي ته درخواستگذار عدالت ۾ ناهي.

فواد چوڌري جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فيصلو اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ محفوظ آهي، جج ريمارڪس ڏنا ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ان ڪري آهي جو ڪوبه قانون نٿو پڙهي، اهي صرف ڳالهائي رهيا آهن.

عدالت وڌيڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته هر شيءِ جو حل قانون ۽ آئين ۾ آهي، پارٽين سڄو نظام جام ڪري ڇڏيو آهي، ڪڏهن هن عدالت ۾ اچو ته ڪڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڃو.

فواد چوڌري جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هي سياسي معاملو بڻجي ويو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته ٻنهي ڌرين اهو ٺاهيو آهي، رڳو قانون تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، سڄي قوم تڪليف ۾ آهي.

عدالت فواد چوڌري کان سڪيورٽي معاملي بابت پڇاڻو ڪيو، جنهن تي هن عدالت کي ٻڌايو ته سڪيورٽي جو معاملو انتهائي سنگين آهي، عمران خان اسلام آباد جي 4 عدالتن ۾ پيش ٿيو پر پنجين عدالت ۾ پيش نه ٿيو، ايف 8 جي عدالت ۾ عمران خان تي قاتلاڻي حملي بابت 100 سيڪڙو تصديق ٿيل ڄاڻ هئي.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جي نظام ۾ سڪيورٽي وٺڻ لاءِ قانون آهي، سڪيورٽي وٺڻ لاءِ مناسب طريقو آهي.

فواد چوڌري جي وڪيل چيو ته اسان پنهنجو موقف عدالت آڏو رکيو هو ته سڪيورٽي خدشن سبب ايف 8 عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهياسين، عمران خان تي قاتلاڻو حملو ٿي چڪو آهي.

آءِ جي پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته اسان ڪنهن جو نقصان نٿا چاهيون، عدالت چيو ته معاملي جي انڪوائري ڪريون ٿا ته ٻنهي ڌرين ۾ بدنيتي هئي يا نه؟

عدالت فواد چوڌري کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پاڻ کي سسٽم ۾ آڻيو، اوهان کي پاليسي فراهم ڪيون ٿا، ان تي عمل ڪريو.

ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو آهي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته مان وارنٽ جاري ڪرڻ واري معاملي کي هٿ ۾ ناهي کنيو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وارنٽ تي عملدرآمد ناهي روڪيو، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي مينار پاڪستان تي جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

Read Next

نيوزيلينڊ ۾ مهانگائي ۽ گهٽ پگهار خلاف 50 هزار استاد هڙتال شروع ڪري ڇڏي

Most Popular