جيڪڏهن عمران خان سرينڊر ڪري ته آءِ جي چئون ٿا ته گرفتار نه ڪري، سيشن ڪورٽ

سيشن ڪورٽ

اسلام آباد: توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان اڃا به سرينڊر ڪري ته آءِ جي کي چوان ٿو ته کيس گرفتار نه ڪيو وڃي.

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان جا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عمران خان جا وڪيل خواجا حارث ۽ فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيا.

جج پڇاڻو ڪيو ته توهان ڇو مزاحمت ڪري رهيا آهيو؟ وڪيل خواجا حارث چيو ته عمران خان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ ضروري آهي، جج رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عمران خان عدالت ۾ اچي.

خواجا حارث چيو ته جيڪڏهن ڏسو هاءِ ڪورٽ جو حڪم ”جيئن جو تيئن “ ڏسو ۽ جيڪڏهن مطمئن آهيو ته پوءِ انڊر ٽيڪنگ وٺو، عمران خان 18 مارچ تي پاڻ پيش ٿيندو، وارنٽ واپس نه وٺو، انهن کي معطل ڪيو وڃي ته جيئن عمران خان پاڻ عدالت ۾ پيش ٿئي.

جج ظفر اقبال چيو ته اسان ٿاڻي جي ايس ايڇ او کان پڇي ٿا وٺون، جنهن تي خواجا حارث چيو ته لاهور ۾ حالتون خراب آهن، توهان وارنٽ معطل ڪريو. جج رمارڪس ڏنا ته حالتون خراب ڇو آهن توهان تعاون ڇو نه ڪري رهيا آهيو، ڪروڙين رپين جو ايترو نقصان ٿيو آهي، خواجا حارث چيو ته هي سڀ حڪومت جي غلطي آهي.

جج پڇاڻو ڪيو ته اصل انڊر ٽيڪنگ ڪٿي آهي؟ خواجا حارث چيو ته کڻي اچون ٿا، جنهن تي جج رمارڪس ڏنا ته ڇڏيو، مان ائين ئي پڇي رهيو آهيان.

وڪيل خواجا حارث چيو ته ڇا اها سختي رکڻي آهي جو عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري رکڻا آهن؟ جج رمارڪس ڏنا ته گرفتاري وارنٽ عمران خان جي ذاتي پيشي لاءِ آهن، وڪيل خواجا حارث چيو ته عمران خان پاڻ چئي رهيو آهي ته هو عدالت اچڻ چاهي ٿو، هو استثنيٰ نه پر عدالت اچڻ چاهي ٿو.

جج رمارڪس ڏنا ته ضمانتي وارنٽ هجن ها ته ڪو مسئلو نه هجي ها پر وارنٽ ناقابل ضمانت آهن.

جج پڇاڻو ڪيو ته عمران خان ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ ڪٿي پيش ٿيو آهي؟ انڊر ٽيڪنگ جو تصور ڪٿي آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اڃا تائين سيشن ڪورٽ کي عدالتي طريقيڪار تحت نه ملي سگهيو آهي، عمران خان ڇو نٿو اچي؟ سبب ڇا آهي؟ قانون موجب عمران خان کي پوليس سان تعاون ڪرڻو آهي مزاحمت نه ڪرڻ گهرجي.

جج ظفر اقبال رمارڪس ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي ڏسندي توهان جي درخواست کي ڏسون ٿا، انڊرٽيڪنگ جو تصور ڪٿي لکيل آهي.

خواجا حارث چيو ته انڊرٽيڪنگ جو تصور سيڪشن 76 ۾ موجود آهي، جج رمارڪس ڏيندي چيو ته سيڪشن 76 ۾ ضمانتي وارنٽ بابت لکيل آهي، غير ضمانتي وارنٽ بابت ناهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ به چيو ويو آهي ته غير قانوني ڪارروائي سان حڪم متاثر نه ٿيڻ گهرجي.

خواجا حارث پنهنجي دليلن ۾ چيو ته جيڪڏهن گرفتار ڪرڻو ئي آهي ته پوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ ڇو وڃون، جج رمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ منهنجو حڪم بحال ڪيو هو.

خواجا حارث چيو ته هاءِ ڪورٽ لکيو آهي ته توهان انڊرٽيڪشن کي ڏسو، ان جي سڪيورٽي ڏسو ۽ پوءِ حڪم ڏيو، مان سمجهان ٿو ته هاءِ ڪورٽ وچولو رستو اختيار ڪيو آهي، هاءِ ڪورٽ مون کي چيو هو ته وچولو رستو اختيار ڪنداسين.

جج ظفر اقبال رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن توهان جو موڪل چوي ها ته مان عدالت وڃي رهيو آهيان ته معاملو ختم ڪري ڇڏيون ها، جيڪڏهن عمران خان وري به سرنڊر ڪيو ته آءِ جي کي چوندس ته کيس گرفتار نه ڪيو وڃي.

عمران خان جي وڪيل چيو ته سائين اهو ئي ته چئي رهيو آهيان ته غلط ٿيو ۽ ٻنهي طرفن کان غلط ٿيو، سڄي پنجاب مان پوليس سڏائي حملو ڪيو ويو.

جج ظفر اقبال رمارڪس ڏيندي چيو ته وارنٽ رد ٿي سگهن ٿا پر ان جو ڪو مضبوط دليل ڏيو، توهان چئي رهيا آهيو ته بيان حلفي آيو آهي ان ڪري وارنٽ رد ڪيا وڃن، هڪ مزاحمت اها به ٿي سگهي ٿي ته توهان پرامن احتجاج ڪيو يا پلي ڪارڊ کڻي وڃو.

عمران خان جي وڪيل چيو ته ان لاءِ توهان وٽ آيا آهيون. جج رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان وٽ جوابدار پيش ٿي وڃن ٿا ۽ وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست ڪن ٿا، پوءِ رد ڪريون ٿا، عمران خان جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن گرفتار ٿيڻو هو ته پوءِ ان سموري ڪوشش جي ضرورت نه هئي.

جج رمارڪس ڏنا ته غريب ملڪ وارنٽ تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري چڪو آهي جيڪي نه ٿيڻ گهرجن ها، قانون موجب وارنٽ جاري ٿيا آهن.

عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ پوليس کي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

اسٽيبلشمينٽ ماڻهن کي وڙهائي تماشو ڏسندي آهي، سراج الحق

Read Next

لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي مينار پاڪستان تي جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

Most Popular