نيوزيلينڊ ۾ مهانگائي ۽ گهٽ پگهار خلاف 50 هزار استاد هڙتال شروع ڪري ڇڏي

نيوزيلينڊ

نيوزيلينڊ جي لڳ ڀڳ 50 هزار استادن يونين جي تعليم واري وزارت سان ڳالهين ۾ ناڪاميءَ تي هڙتال شروع ڪري ڇڏي.

بهتر پگهارن جو مطالبو ڪندڙ استادن پلي ڪارڊ کنيا هئا، جن تي لکيل هو ته سٺيون پگهارون نه ملڻ سبب مهانگائيءَ ۾ گذارو نٿا ڪري سگهون، جنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ ڪنڊرگارٽن سان گڏ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول پڻ بند رکڻا پيا.

ٽريڊ يونينز دليل ڏيندي چيو ته حڪومت جي تازي پگهار جي آڇ مهانگائي جي رفتار کان گهٽ آهي ۽ استادن جي کوٽ سبب تعليم جو شعبو بحران واري موڙ تي آهي.

پوسٽ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي ڪرس ابرڪومبي چيو ته معياري تعليم بنيادي انساني حق آهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته استادن جي حيثيت ۾ اسان جو اهو حق آهستي آهستي ختم ٿيندو پيو وڃي.

هن چيو ته استادن جي پگهارن ۽ ڪم جي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ تجربيڪار عملي کي برقرار رکڻ ۽ گريجوئيٽس کي ڀرتي ڪرڻ ضروري آهي.

نيوزيلينڊ جي تعليمي اداري جي صدر مارڪ پوٽر جو چوڻ آهي ته استاد حڪومت کي اهو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا ته اسين تبديليءَ جي ضرورت بابت ڪيترا سنجيده آهيون.

هن چيو ته اسان سڀ پنھنجي شاگردن لاءِ بھتري چاھيون ٿا، پر سسٽماتي تبديليءَ کان سواءِ انھن کي ڏئي نٿا سگھون.

تعليم واري وزير جان ٽينيٽي چيو ته استادن جي هڙتال کي ڏسي مايوسي ٿي آهي ۽ چاهيون ٿا ته تڪرار جلد حل ٿئي.

نيوزي لينڊ ۾ زندگي گذارڻ جي قيمت هڪ اهم سياسي مسئلو بڻجي چڪو آهي، جيئن حڪومت مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.

تازا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته نيوزي لينڊ جي معيشت تباهه ٿي رهي آهي، ڏيوالي جو خدشو وڌندو پيو وڃي.

Read Previous

عمران خان جي گرفتاري لاءِ آپريشن روڪڻ جي حڪم ۾ سڀاڻي تائين واڌ

Read Next

ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا، 2 ٻارڙا به شهيد

Most Popular