ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا، 2 ٻارڙا به شهيد

ڏکڻ وزيرستان

خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 2 ٻارڙا شهيد ٿي ويا.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان جي علائقي زنگهارا ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب جوابي فائرنگ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

10 مارچ تي اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، بارود ۽ وڏي انگ ۾ سامان پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

بيان ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج وڏي عزم سان ملڪ جي سرزمين جي هر انچ مان دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

Read Previous

نيوزيلينڊ ۾ مهانگائي ۽ گهٽ پگهار خلاف 50 هزار استاد هڙتال شروع ڪري ڇڏي

Read Next

عمران خان ۽ ٻين خلاف زمان پارڪ ۾ هنگامي جو ڪيس داخل

Most Popular