سيڪيورٽي خدشا: نيوزيلينڊ پارليامينٽ ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائي ڇڏي

Tiktok

نيوزيلينڊ چيني سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ کي پارلياماني نيٽ ورڪ تائين پهچندڙ ڊوائيسز تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ اهو به اولهه ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو، جن پليٽ فارم جي سيڪيورٽي خطرن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

نيوزيلينڊ جي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته اها سائبر سيڪيورٽي خدشن سبب پارليامينٽ اندر استعمال ٿيندڙ ڊوائيسز تي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائيندي.

پارلياماني سروس جي چيف ايگزيڪيوٽو رافيل گونزليز مونٽرو چيو ته خطرا نيوزي لينڊ جي موجوده پارلياماني ماحول ۾ قابل قبول نه آهن.

هن وڌيڪ چيو ته جن ماڻهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ ايپ جي ضرورت آهي، انهن لاءِ خاص انتظام ڪري سگهجن ٿا، پابندي 31 مارچ کان شروع ٿيندي.

وڊيو شيئرنگ ايپ خدشن جي ڪري وڌندڙ ڇنڊڇاڻ جي دائري ۾ اچي وئي آهي، ڇوته خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته صارف جي ڊيٽا چيني حڪومت جي هٿن ۾ اچي سگهي ٿي.

هي پابندي پليٽ فارم جي سيڪيورٽي بابت وڌندڙ خدشن سبب لڳي آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان حڪومتي حساس معلومات تي سمجهوتي جو امڪان آهي.

گذريل ڏينهن برطانيه سرڪاري فونز تي ايپ جي استعمال تي فوري پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، جڏهن ته آمريڪا ۾ سرڪاري ادارن کي مارچ جي آخر تائين ايپ کي سرڪاري ڊوائيس تان هٽائڻ لاءِ مهلت ڏني وئي آهي.

ياد رهي ته ٽڪ ٽاڪ جو استعمال گذريل سالن ۾ تيزي سان وڌيو آهي، سڄي دنيا ۾ 3.5 بلين ڊائون لوڊ ٿي چڪا آهن.

Read Previous

لوئر ڪوهستان ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا فوت، 3 زخمي

Read Next

عمران خان پاران گرفتاري وارنٽ چئلينج، اسلام آباد هائي ڪورٽ جي رجسٽرار جا اعتراض

Most Popular