لوئر ڪوهستان ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا فوت، 3 زخمي

لوئر ڪوهستان جي علائقي سري پٽن ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا سڙي فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

واقعو گذريل رات پيش آيو، اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمون ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي.

فوتين ۽ زخمين کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اختيارين موجب 13 ڄڻن کي باحفاظت ملبي مان ڪڍيو ويو آهي.

امدادي ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته هڪ ڄڻو اڃا تائين ملبي هيٺ دٻجي ويو آهي، جڏهن ته باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

Read Previous

ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جي شاگردن جو هاسٽل پرووسٽ خلاف احتجاج

Read Next

سيڪيورٽي خدشا: نيوزيلينڊ پارليامينٽ ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائي ڇڏي

Most Popular