عمران خان پاران گرفتاري وارنٽ چئلينج، اسلام آباد هائي ڪورٽ جي رجسٽرار جا اعتراض

عمران خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان وارنٽ ملتوي ڪرڻ لاءِ درخواست تي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.

عمران خان طرفان سندس وڪيل خواجا حارث پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته انڊر ٽيڪنگ قبول ڪري پوليس کي گرفتاري کان روڪيو وڃي ۽ درخواست تي اڄ ٻڌڻي ڪئي وڃي.

رجسٽرار آفيس وارنٽ ملتوي ڪرڻ جي درخواست تي اعتراض اٿاريندي چيو آهي ته عمران خان جي بائيو ميٽرڪ ناهي، جنهن معاملي تي پهريان ئي هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪري چڪي آهي، ٻيهر ڪيئن ٻڌي سگهي ٿي؟

رجسٽرار آفيس پاران وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪنهن درخواست تي بليڪنٽ آرڊر آرڊر ڪيئن جاري ٿي سگهي ٿو؟

سيشن ڪورٽ گذريل ڏينهن عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

Read Previous

سيڪيورٽي خدشا: نيوزيلينڊ پارليامينٽ ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائي ڇڏي

Read Next

ارشد شريف جي ڪٽنب جي وڪيل پاڻمرادو نوٽيس تي اعتراض واري ڇڏيا

Most Popular