ارشد شريف جي ڪٽنب جي وڪيل پاڻمرادو نوٽيس تي اعتراض واري ڇڏيا

ارشد شريف

اسلام آباد: مقتول صحافي ارشد شريف جي خاندان جي وڪيل پاڻمرادو نوٽيس تي اعتراض اٿاري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ ارشد شريف قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سندس ڪٽنب جي وڪيل شوڪت عزيز صديقي پاڻمرادو نوٽيس تي اعتراض ڪيو.

وڪيل شوڪت عزيز صديقي چيو ته عدالت جاچ جي نگراني نٿي ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ کي جاچ جي نگراني ڪرڻ آئين خلاف آهي، ارشد شريف جي ماءُ کي جسٽس آف پيس سان رابطو ڪرڻ گهرجي ها.

چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ساڍا 5 هفتن جي انتظار کانپوءِ پاڻمرادو نوٽيس ورتو، جسٽس مظاهر نقوي چيو ته ايتري عرصي تائين قانوني ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟

شوڪت عزيز صديقي جواب ڏنو ته ايس ايڇ او رمنا ٿاڻي تي شهيد جي ماءُ جي درخواست تي ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.

جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته صحافي برادري جي خدشن ۽ تحفظ لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو، عدالت ڪنهن کي سوموٽو ۾ سزا ڏيڻ لاءِ نه بيٺي، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪري رهي آهي، عدالت رڳو سرڪاري ادارن کي سهولتون فراهم ڪرائي رهي آهي.

چيف جسٽس چيو ته عدالت سوموٽو فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ اچڻ کانپوءِ ورتو، فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ ڪجهه پهلو هئا، جن جي جاچ جي ضرورت آهي، عدالتي ڪارروائي شروع ٿيڻ کانپوءِ ئي ڪيس داخل ڪيو ويو، حڪومت جي آءِ ٽي کي فنڊز فراهم نه ڪري رهي هئي، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي کي فنڊ ڏياري پرڏيهه اماڻيو، ارشد شريف قتل ڪيس ۾ اڃا تائين ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، پرڏيهه مان ڪا به مدد نه ملي رهي آهي. عدالت سوموٽو ايڪشن مان ڪو به فائدو نه ورتو، صحافي کي قتل ڪيو ويو جيڪو ٻين لاءِ سبق بڻجي سگهي ٿو، عدالت صحافين جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ سوموٽو ورتو.

شوڪت عزيز صديقي دليل ڏيندي چيو ته ارشد شريف جي ماءُ هر روز جيئندي ۽ مرندي آهي، سندس مرضي تي ڪيس داخل نه پيو ڪيو وڃي، هو چاهين ٿا ته جي آءِ ٽي کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اسان ڪينيا کي گڏيل قانوني مدد لاءِ لکيو آهي، ڏهه ڏينهن لڳندا

Read Previous

عمران خان پاران گرفتاري وارنٽ چئلينج، اسلام آباد هائي ڪورٽ جي رجسٽرار جا اعتراض

Read Next

سپريم ڪورٽ نيب کان وصولي جا تفصيل طلب ڪري ورتا

Most Popular